سومر کان سنڌ ۾ تيز هوا سان گڏ بارش جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سومر 6 جولاءِ کان سنڌجي مختلف شهرن ۾ بارشن جو سلسلو شروع ٿيندو. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، عمر ڪوٽ، دادو، بينظير آباد، ٿرپاڪر، ڄامشورو، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ هلڪي ۽ تيز بارش جو امڪان آهي. جاري ڪيل بيان موجب ڪراچي، بدين، ٺٽو ۽ حيدرآباد ۾ بارشن سبب سيلابي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. طوفاني هوائون پڻ هلنديون جنهن سبب مٽي جو طوفان به اٿندو ڇو ته مون سون جي هن سلسلي ۾ 20 کان 30 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوا گهلندي.

پهنجو تبصرو موڪليو