سومرو ۽ سجاولي سچا صحافي هئا، ميڙاڪي ۾ ڀيٽا پيش

دڙو (رپورٽ شوڪت ميمڻ) سجاول ضلعي جي ٻن سينئير صحافين مرحوم محمد سليم سومرو ۽ سورج سجاولي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، واپارين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڙاڪي کي پ پ سجاول ضلعي جي نائب صدر ارباب ڪامران وزير ميمڻ، پريس ڪلب دڙو جي صدر اعجاز اختر ميمڻ، امداد ميمڻ، اسلم سومرو، چندن لاشاري سماج سڌارڪ رشيد آزاد سومرو، سينئير صحافي غلام مصطفي ڪڇي، سورج سجاولي پريس ڪلب جي نيئن چونڊيل صدر حافظ سعيد الله ميمڻ، ساگر سليم کوسو، نجيب سرويچ سجاولي، شھري حاجي عباسي، پ پ اڳواڻ محمد ڪڇي، غياث ميمڻ، صديق ميمڻ، علي رضا ڪڇي، پريس ڪلب ميرپوربٺورو جو سابق صدر شاھد سمون، جسقم اڳواڻ عزيز سومرو، جي يو آئي جي اڳواڻ حافظ عبدالغفور ميمڻ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عزيز ميمڻ عوامي پريس ڪلب دڙو جي نائب صدر عزيز سولنگي، سجاد ڪڇي ۽ ٻين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ صحافي مرحوم سليم سومرو ۽ سورج سجاولي مزاحمتي ڪردار هئا هنن پنهنجي قلم ذريعي ڏاڍ ۽ جبر جو مقابلو ڪيو ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي کين انصاف ڏياريو. هنن چيو تہ مرحوم سليم سومرو پنهنجي صلاحيتن ذريعي ٻنون جي ننڍڙي شهر کان پنھنجو صحافتي سفر شروع ڪري ڪراچي پهتو. ۽ اتي بہ پاڻ کي مڃرايو. صحافي سليم سومرو ۽ سورج سجاولي جو وڇوڙو وڏو سانحو آهي. سندن وڇوڙي سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن بہ ڀرجي نہ سگهبو. ان کان علاوه واپاري ايسوسيشن جي صدر نظير سومرو، سينئير صحافي نزاڪت شاھ، عتيق کتري، نواز سومرو، انور ملاح، گلشير ملاح، صدام شاھ، وفا ميمڻ، بابو جان ڪنڊرا، ملڪ صديق، امتياز آڪاش ميمڻ ڊي ايس پي ميرپوربٺورو سڪندر ڀٽي، نوازليگ اڳواڻ اقبال سومرو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رفيق بلاولي، ايم جمن ميربحر، ايس ايڇ او دڙو ڪليم احسن، غلام مصطفي سومرو، عبدالقيوم سومرو، حبيب الله ميمڻ، ڪامريڊ شوڪت سومرو، اسد ميمڻ، صداقت شاھ، جمن سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي صحافين جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو