سول سوسائٽي جي ڪوششن سان مليريا خلاف اسپري

بوزداروڏا (حسين ٽانوري) سول سوسائٽي جي ڪوششن سان مليريا ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ،  صحت کاتي ۽  ٽائون ڪاميٽي بوزداروڏا جي سهڪار سان بوزداروڏا شهر ۾ مليريا کان بچاءَ لاءِ گهر گهر اسپري ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي مليريا سپرنٽنڊنٽ خيرپور مقبول حسين هڪڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سول سوسائٽي بوزداروڏا جي نوجوانن جي ڪوشش تحت ۽ ٽائون ڪاميٽي ۽ صحت مرڪز جي سهڪار سان شهر جي هر گهر ۾ مليريا کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪري رهيا آهيون جنهن سان مليريا تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿيندو جنهن سبب مليريا سميت ٻين موذي مرضن تي ضابطو پڻ ايندو جنهن بعد سول سوسائٽي  اڳواڻ سيد صالح محمد موسوي چيو ته شهرين کي گهرجي ته گهرن ٻاهران گندگي ٿيڻ نه ڏني وڃي ۽ گهرن ۽ گهٽين ۾ صفائي کي يقيني بڻايو وڃي جيئن بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو