سول جج وڪيل کي پيپر ويٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي سول جج جي عدالت ۾ وڪيل ۽ جج ۾ جهيڙو، جج وڪيل کي پيپر ويٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ايڊوڪيٽ ارسلان قريشي جو چوڻ آهي ته هو عدالت ۾ پنهنجي ڪيس بابت ڄاڻ وٺي رهيو هو ته سول جج ڪاوڙ مان چيو ته مون تنهنجو ڪيس ڊسمس ڪري ڇڏيو آحي، مون احتجاج ڪيو ته جج پيپر ويٽ هنيو جيڪو مٿي ۾ لڳو ۽ ڪن زخمي ٿي پيو. بعد ۾ ڇڪڇڪان ۾ ٽيبل تي رکيل شيشي ۾ هث زخمي ٿيو ۽ رت وهڻ لڳو. مون ڪورٽ جي ڊسپينسري مان پٽي ڪرائي. ضلعي بار جي صدرر تنوير سهيل سميت سنيئر وڪيل آيا جن سيشن جج کي شڪايت ڪئي. بعد ۾ وڪيلن احتجاج ڪندي اعليٰ عدالتن کان مطالبو ڪيو ته سول جج کي برطرف ڪيو وڃي. جج جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيل وقت تي پيش نه ٿيو ۽ عدالت ۾ کيس گاريون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو