سوزوڪي ۽ ڪار ۾ ٽڪر هڪ فوت 4 زخمي

گهارو (بشام جوکيو)ڌاٻيجي مين نيشنل هاءِ وي تي سوزوڪي ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ فوت چار زخمي ٿي پيا.ايڪسيڊنٽ ۾ اسماعيل خان ولد رحمت ولي فوت ٿي ويو، زخمين ۾ عارف، يوسف، مجاهد، ڪاشف زخمي ٿي پيا، زخمين کي گهارو رورل اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو جڏهن ته فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن چيو ته فوتي جي پندرهن ڏينهن کانپوءِ شادي هئي، فوت ٿيل فارم تي ڊيوٽي ڪندو هو پگهار وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو. ٻئي طرف گهارو ٿاڻي اڳيان ٻن موٽر سائيڪل سوارن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ دريا خان ملاح ۽ عابد آرائين شديد زخمي ٿي پيا جن کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو