سوئيڊن 2023 ۾ پيپر ڪرنسي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسٽاڪ هوم (م ڊ) سوئيڊن 2021 کان ڊجيٽل ڪرنسي استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ 2023 ۾ سوئيڊن دنيا جو پهريون ملڪ هوندو جنهن ۾ پيپر ڪرنسي ختم ڪئي ويندي. دنيا ۾ سوئيڊن ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ سڀني کان اڳتي آهي. يورپ جو پهريون ڪاغذي نوٽ استعمال ڪندڙ ملڪ سوئيڊن هو جنهن 1661 ۾ پهريون ڀيرو بئنڪ نوٽ استعمال ڪيو . هاڻي پيپر ڪرنسي ختم ڪري ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ وارو ملڪ به سوئيڊن آهي. واضح رهي ته دنيا م ڪرنسي جي تاريخ  ڪافي پراڻي آهي، پهريون ڀيرو دنيا ۾ پيپر ڪرنسي يعني ڪاغذي پيسن جي شروعات چين ۾ڏهين صدي ۾ ٿي. چين جي تڏهوڪي بادشاهه  Chen Tsungجي زماني ۾) (1022-899پهريون دفعو ڏيتي ليتي ۽ واپار ۾ ڪاعذي پيسن جو استعمال شروع ٿيو.   هن پنهنجي دور جي 16واپارين معرفت اهو ڪم شروع ڪيو پر واپارين جي محدود وسيلن سبب آخر حڪومت کي ملوث ٿيڻو پيو ۽ 1923 ۾ بادشاهي حڪومت نوٽن جي ڇپائي شروع ڪئي. ابتدا ۾ پتل جون ٺپي نما ڊايون هونديو هيون ۽ ڪاغذ تي ڇاپيو ويندو هو. تحقيقي ماهرن جو چوڻ آهي ته 660 قبل مسيح کان سڪن ۾ تجارت جا ثبوت مليا آهن جنهن بعد سون ۽ چاندي جا سڪا به تجارت ۾ استعمال ٿيا. ان کان اڳ ۾ بارٽر ٽريڊ يعني مال جي بدلي مال ذريعي واپار ٿيندو هو. ڪجهه ملڪن ۾ شيون گدام ۾ رکڻ لاءِ پرچي به ڏني ويندي هئي. چين ۾ ڪاغذي نوٽن جي استعمال جي پهريون ڀيرو يورپ ۾ خبر اٽلي جي واپاري، لکاري ۽ سياح مارڪوپولو 1296 ۾ آندي.

پهنجو تبصرو موڪليو