سهيل انور سيال جي 6 آگسٽ تائين عبوري ضمانت منظور

ڪراچي (استاف رپورٽر) پي پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال نيب پاران گرفتاري جي ڊپ سبب هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ 10 لک عيوض 6 آگسٽ تائين سندس ضمانت منظور ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. سماعت دوران عدالت کائنس پڇيو ته اوهان کي نوٽيس مليا آهن، هن چيو نوٽيس نه مليا آهن ميڊيا ۾ خبرون هلن پيون ته نيب جاچ شروع ڪئي آهي. واضح رهي ته نيب سکر سندس آمدن کان وڌيڪ ملڪيت جي ڪيس ۾ انڪوائري شروع ڪئي آهي. نيب سکر هن کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن، غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي آهي. هن درخواست م چيو هو ته هو نيب سان جاچ ۾ تعاون لاءِ تيار آهي نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو