سنگهڙ برادري ۾ جهيڙو 2 قتل، 11 ڄڻا زخمي، ڌريون مورچا بند

گهوٽڪي(ن س) ڳوٺ پيرل سنگهڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا 2 نوجوان قتل ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي ڌريون مورچا بند گهرن تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ٺاپر ڪرائڻ جي ڪوشش.  گهوٽڪي ويجهو اوجي ڊي سي ايل قادرپور گيس فيلڊ لڳ ڳوٺ پيرل سنگهڙ ۾ حافظ غلام حيدر سنگهڙ ۽ امير بخش سنگهڙجي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو.

فائرنگ ۾ حافظ غلام حيدر سنگهڙ جي ڌر جا 8 ڄڻا جميل احمد سنگهڙ، منيراحمد سنگهڙ، محمد ايوب سنگهڙ، علي نواز سنگهڙ، الھڏوايو سنگهڙ، عمران علي سنگهڙ، خالد سنگهڙ ۽ عبدالحميد سنگهڙ زخمي ٿيا. جڏهن ته امير بخش سنگهڙجي ڌر جا منظور احمد سنگهڙ، صدام حسين سنگهڙ، حضور بخش سنگهڙ ۽ گلبهار سنگهڙ گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. اطلاع تي گهوٽڪي ۽ قادرپور پوليس چوڪي جي اهلڪارن پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو جتي زخمين مان هڪ ڌر جو منظور احمد سنگهڙ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي ڌرجو جميل احمد سنگهڙ کي نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي زخمين کي سکر ۽ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد وڏي تعداد ۾ پوليس جي نفري کي ڳوٺ پيرل سنگهڙ ۾ بيھاريو ويو آھي جڏھن ته مارجي ويلن جا لاش ڳوٺ پھچڻ تي سندن گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ياد رهي ته مارجي ويل جميل احمد سنگھڙ يونين ڪائونسل ٻنڌ جي چيئرمين اختر حسين سنگھڙ جو سئوٽ ھو جڏھن ته اختر حسين سنگھڙ پھريان علي گوهر مھر سان گڏ ھو پر تازو گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ هن پيپلز پارٽي جي اميدوار سردار محمد بخش خان مھر جي حمايت ڪئي ھئي جڏھن ته ٻي ڌر جي امير بخش سنگھڙ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوھر مهر جي حمايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو