سنڌ ۾ 9 آگسٽ کان جزوي لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ميزباني ۾ اين سي او سي جي گڏيل اجلاس دوران ڪورونا ڪيسز جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ ورتل اپائن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون جو مدو ن وڌايو ويندو ۽ 9 آگسٽ کان پابنديون ختم ڪيون وينديون. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ڀارتي ويريئنٽ جي لهر جاري آهي، ڪراچي ڊيلٽا وائرس جي لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، سنڌ سرڪار ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ 8 آگسٽ تائين سخت قدم کنيا آهن، اجلاس صوبائي وزيرن سوڌو وفاقي وزير اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان، وزيراعظم جي سيپيڪ اسپيشل اسسٽنٽ خالد منصور، ميجر جنرل محمود، ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، سنڌ هڪومت پاران عذرا فضل پيچوهو، سيد ناصر شاهه، سردار شاهه، مرتضيٰ وهاب، قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري، آءِ جيي سنڌ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسان چوٿين لهر جي ڇهين هفتي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، هاڻي چوٿين لهر ڪجهه گهٽجڻ شروع ٿي آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڪووڊ عروج تي آهي جتي 26 سيڪڙو ڪيسز آهن، سنڌ ۾ 13، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪيسز وڌي رهيا آهن پر سست رفتاري سان، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ڪيسز آهن جن مان 3 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 67 سيڪڙو ڪيسزڪراچي ۾ لاهور، اسلام آباد، پشاور، راولپنڊي ۽ حيدرآباد مان اچي رهيا آهن، جڏهن ته 5 سئو مريض روزاني ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ 1210 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جيڪو ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ڪراچي ۾ فوتگيون به وڌيڪ آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذريعن سان وڌيڪ 583 آڪسيجن بيڊز مختلف اسپتالن ۾ لڳرايا،اين ڊي ايم اي 537 بيڊ سنڌ کي ڏنا آهن ۽ سنڌ ۾ مجموعي طور تي 1120 آڪيسجن بيڊز آهن

پهنجو تبصرو موڪليو