سنڌ ۾ 5 کان وڌيڪ صلاحڪارن جي مقرري خلاف درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مقرر ڪيل  صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي وزير جو درجو ڏئي کين کاتن جا قلمدان سونپڻ خلاف شهري محمود اختر نقوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست گذار ورڪس ۽ سروسز بابت وڏي وزير جي صلاحڪار نثار احمد کهڙو، قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي، وقار مهدي، نواب حسين وساڻ، راشد رباني ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي آئين مطابق رڳو 5 صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي جيڪي مختلف معاملن تي وڏي وزير کي مشورا ڏئي سگهن ٿا پر وڏي وزير کي 5 کان وڌيڪ صلاحڪار مقرر ڪري کين وزير جو درجو ڏيڻ ۽ انهن کي کاتن جا قلمدان سونپڻ جو ڪو اختيار ناهي. ان جي باوجود وڏي وزير اختيار اورانگهيندي نه رڳو 5 کان وڌيڪ صلاحڪار ۽ خاص مددگار مقرر ڪيا پر انهن کي وزير جو درجو ڏئي کين کاتن جا قلمدان پڻ سونپي ڇڏيا آهن، جيڪي اڻ چونڊيل آهن. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 168 جي ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت آهي پر ان باوجود صلاحڪارن ذريعي حڪومت ڪرڻ جمهوري اصولن جي خلاف آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به وڏي وزير پاران صلاحڪارن جي مقرري توڙي کين وزير جو درجو ڏئي کين کاتن جا قلمدان سونپڻ خلاف آئيني درخواست داخل ٿيل آهي جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ صلاحڪارن کي کاتن جا قلمدان نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن جي خلاف سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن تي سپريم ڪورٽ ڄاڻايل صلاحڪارن بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو. شهري محمود اختر نقوي عوامي مفاد ۾ هڪٻئي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾  عوامي ڀلائي وارن مقصدن لاءِ رکيل پلاٽن کي رهائشي، توڙي ڪاروباري ڪيٽيگري ۾  تبديل ڪرڻ خلاف آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عوامي ڀلائي وارن پلاٽن کي تجارتي مقصد لاءِ تبديلي وارا فيصلا رد ڪيا وڃن. ڇو ته اعليٰ عدليه جي فيصلن تحت فلاحي پلاٽس جي قانوني حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي، ياد رهي ته سنڌ حڪومت سرجاڻي ٽائون ۽ مزار قائد ويجهو پارڪ جي قانوني حيثيت تبديل ڪري عوامي پارڪس کي ماس ٽرانزٽ پروجيڪٽس جو حصو بڻايو آهي، عوامي پارڪس جي حيثيت تبديل ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو