سنڌ ۾ 12 هزار اسڪولن ۾ استاد مقرر نه آهن، زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ سامونڊي معاملن جي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ جي 12 هزار 136کان مٿي اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿيل نه آهن. سنڌ ۾ تعليم جي افسوسناڪ صورتحال جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته 49 هزار کان مٿي اسڪول فعال آهن جن مان 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ سائنس جو استاد ئي ناهي.

هن جو چوڻ هو ته 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ ته استاد ئي ناهن. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن ڏوهاري صوبائي وزير ٿيندا نتيجو به اهڙوئي نڪرندو.

پهنجو تبصرو موڪليو