سنڌ ۾ ڪورونا سبب 4 فوت، 477 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 477 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 91 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ ڇنڇر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16965 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 477 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 2.8 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 4 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 7567 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح  1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 6406542 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ 468493 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 91 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 449399 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 95.8 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 12004 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 11764 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، مختلف اسپتالن ۾ 215 داخل آھن ۽ 25 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 214 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 11 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 477 ڪوويڊ ڪيسن مان 64 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ حيدرآباد ۾ 67، دادو ۾ 64، سجاول ۾ 40، نوشھروفيروز ۾ 28، ٺٽو ۽ ڄامشورو ۾ 27-27، ڪراچي اوڀر ۽ نواب شاھھ ۾ 25-25، ڪورنگي ۾ 19، سانگھڙ ۾ 18، ٿرپارڪر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٽنڊو الھيار ۾ 14-14، ڪشمور ۾ 11، سکر ۽ قمبر ۾ 10-10، گھوٽڪي ۾ 9، عمرڪوٽ ۾ 7، ميرپورخاص، ڪراچي سينٽرل ۽ ڪراچي ڏکڻ ۾ 6-6، ملير، ڪراچي اولھھ ۽ جيڪب آباد ۾ 4-4، خيرپور ۾ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو