سنڌ ۾ ڪورونا،هڪ فوت، 275 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو ۽ فوتين جو تعداد 7534 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12511 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 275 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو ۽ فوتين جو تعداد 7534 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 12511 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 275 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 2.2 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6257216 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 465500 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 96 سيڪڙو يعني 446718 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 183 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 11248 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 10981 گهرن ۾، 28 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 239 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 236 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 14 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 275 نوان ڪيسن مان 68 ڪراچي جا آهن جن ۾ اوڀر 32، ڪورنگي ۽ اولهه 9-9، ڏکڻ 8، ملير 6 ۽ سينٽرل 4 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 29، ٽنڊوالهيار 20، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر 18-18، سانگهڙ ۽ ٽنڊو محمد خان 16-16، نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظير آباد 17-17، مٽياري 11، بدين 9، سجاول8، سکر 7، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو 6-6، عمرڪوٽ 5، خيرپور 4، جيڪب آباد 3، شڪارپور 2 ۽ لاڙڪاڻو 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو