سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ، بجلي غائب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن يعني ڇنڇر تي به ڪٿي تيز ته ڪٿي وقفي وقفي سان برسات جاري رهي. ڪراچي ۾ گجگوڙ سان تيز برساتن ٻيهر ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، ڪيترن ئي هنڌن تي گذريل ڏينهن واري برسات جو پاڻي اڃا نيڪال ئي نه ٿيو هو ته مٿان ٿيل بارش سبب وڌيڪ پاڻي بيهجي ويو ۽ شهرين جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو. قاضي احمد، ڀان سيد آباد، ڪنري، سانگهڙ ، بدين، ٽنڊو باگو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، چيلهار، سامارو، سڪرنڊ، ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي. اڄ به ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ 100 ملي ميٽر تائين برسات رڪارڊ ڪئي وئي. شهر جي اڪثر علائقن ۾ فيڊر ٽرپ ٿي ويا ۽ بجلي بند ٿي وئي. ڪيترن علائقن م ته ٻيڙيون به هلندي نظر آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو