سنڌ ۾ مختلف واقعن ۽ جهيڙن ۾ 4 فوت 7 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل جهيڙن ۽ ٻين مختلف واقعن ۾ 4 نڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا. ڏهرڪي مان وجي ڪمار موجب امتحان ۾ ناڪامي تي انجنيئرنگ جي شاگرد ڦاهو کائي انت آندو، هو والدين جو سڪيلڌو پٽ هو. فائونڊيشن پاور پلانٽ جي رهائشي ڪالوني ۾ 22 سالن جي شاگرد ثاقب علي هڪڙو ڪمري اندر پکي سان پاڻ کي ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان پلانٽ جي هڪ آفيسر جو پُٽ هو،وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان اسلام آباد ۾ انجنيئرنگ جي پڙهائي ڪندو هو، امتحان ۾ فيل ٿيڻ بعد واپس آيو ۽ مايوس رهندو هو. ميرپور ماٿيلو ڀرسان نوجوان مسو واهه ۾ وهنجندي ٻُڏي ويو.

ڳوٺ ڪالو خان سيال واسي نوجوان عمر علي سيال مسو واهه ۾ وهنجي رهيو هو ته اونهي پاڻي ۾ وڃڻ بعد ٻُڏي ويو. اطلاع ملڻ تي وارث ۽ علائقي واسي پهتا، جيڪي نوجوان جي ڳولا ڪري رهيا آهن. مٺي مان لياقت نهڙيو موجب روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل سماجي اڳواڻ پپو ڪوٽڪ جو ڀائيٽو 19 سالا پون ولد هريش ڪوٽڪ زخمن جو سور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب ڪچي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو، ٻنھي ڌرين ھڪٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب مال چاريندڙ ڌنار 15 ورھين جو نوجوان گولو سبزوئي ٿڏي تي مارجي ويو. جڏھن ته سانوڻ جاگيراڻي سميت ٻھ ڄڻه مرڻينگ ٿي پيا آھن۔

فائيرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو آھي۔ حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه  پھتي آھي۔ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر جو استعمال ڪيو ويو  وڌيڪ خون ريزي ٿيڻ جو خدشو آهي. ڪوٽڏيجي مان غلام الله سيال موجب سوهو ۽ ڪناسرا برادرين ۾ زمين تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ڪهاڙيون ۽ سروٽن جو آزادانا استعمال چار ڄڻا، شمس الدين فيض محمد، حيدرعلي ۽ علي بخش سوهو زخمي ٿي پيا جڏھن ته ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي وڃي جن کي طبعي امداد لاء پهريان تعلقه اسپتال ڪوٽڏجي بعد خيرپور سول اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو