شهرن ۾ سختي ٻهراڙين ۾ نرمي، پوليس کي ڪٽڪو مولوي گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٻارهين ڏينهن به ڪاروبار ۽ آفيسون بند رهيون، 12 کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون واري اعلان تي ڪلي طور عمل نه ٿي سگهيو. ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ مسجد مان پيش امام اعلان ڪري باجماعت جو اعلان ڪيو ۽ نمازي پهچي ويو ته پوليس به پهتي، جن کي پيش امام ڪٽڪو ڏيڻ جو حڪم ڏنو، مڇريل نمازين پوليس وارن کي ڌڪ هنيا، ڪجهه پاڙيوارن گهرن ۾ لڪي ويا، جنهن بعد پوليس پيش امام کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وڄي وئي. مسجدن مان جمعي نماز گهرن م پڙهڻ وارن اعلانن تي به جزوي طور عمل نظر آيو. فوج، رينجرز ۽ پوليس وڏن ڊهرن جي مک مرڪزن تي ماڻهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيا پر ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بدستور جمعي جي نماز باجماعت پڙهي ئي. اڪثر شهرن م پوليس فليگ مارچ به ڪيو. ***سکر مان جيرام داس موجب ڪرونا وائرس کان بچاء لاءِ سڄي سنڌ سميت  سکر ۾ ٻارهين ڏينهن به مڪمل لاڪ ڊائون ڪاروبار مرڪز بند روڊن تان ٽريفڪ غائب ۽ روڊ سنسان نظر اچڻ لڳا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان کانپوءِ شهري گهرن تائين محدود بڻيل آهن پوليس، رينجرس ۽ پاڪ فوج جي جوانن جو مختلف روڊ رستن تي گشت جاري آهي.

جمعي جي ڏينهن ٻارهين وڳي کان 3 وڳين تائين مڪمل لاڪ ڊائون واري اعلان تي جزوي عملدرآمد نظر آيو. جمعي جي نماز گهرن ۾ پڙهڻ لاءِ مختلف مسجدن مان اعلان پڻ ڪيا ويا. گذريل ڏينهن سکر سميت ڀرپاسي وارن علائقن روهڙي،پنوعاقل ۽ٻين علائقن ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙ43 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته10ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هن مهل تائين پوليس اي سيڪشن، پنوعاقل، بائجي، نيوپنڊ،سي سيڪشن، روهڙي سميت ٻين علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي دفعه 188 جي تحت 293 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب شھر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رھيو، فوج.رينجرس ۽ پوليس اٽالن پاران شھر جاسموري ننڍا وڏا دڪان ۽ ريڙھيون بند ڪرائيندي ماڻھن کي گھرن ۾ رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي.جڏھن ته جمع نماز جي ادائگي کان پھريان فوجي جوان مسجدن جي دروازن تي بيھاري نمازين کي مسجدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. فوج پاران شھر جي مختلف چوڪن تي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي شھرين کي گھرن ۾ رھڻ جون ھدايتون پڻ جاري ڪندا رھيا.*** مورو مان اياز سولنگي موجب شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو ۽ ڪرفيوجھڙي صورتحال نظر اچي پئي جڏھن ته شھر جي مک چونڪ چوراهن روڊ رستن تي آرمي, رينجرس ۽ پوليس گشت ڪري رهي آھي.

شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڀاري نفري مقرر ڪري شھر کي مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويو آھي. سيپڪو مورو جي انتظاميا شھر سميت آس پاس ۾ مڪمل طور بجلي بند ڪري ڇڏي.***ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ڪاروبار مڪمل بند رهيو صرف ميڊيڪل اسٽور، کاڌي پيتي ۽ سبزي جا دوڪان کليل رهيا. تعلقي ٽنڊو غلام حيدر شهر سميت مويا؛ ڏندو؛ نظرپور؛ متارا اسٽاپ؛ ڊوڪيا؛ حاجي صوڀو خان چانڊيو؛ راجا فارم؛ ٽمون جلالاڻي موري سميت آسپاس جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند پيل پوليس پاران مختلف شهرن ۾ گشت جو سلسلو جاري.*** پڊعيدن مان مجاهدشر موجب اسپتال روڊ مين شاهي بازار، ريشم گلي، ٽاور مارڪيٽ،  امن روڊ ، جلالجي روڊ سميت سمورو شھر سنسان ٿي ويو.

جڏھن ته پوليس چورا هن تي پهچي شھر تي ڪنٽرول ڪري ورتو۔ ٻئي پاسي مسجدون شھر جون مڪمل بند جمع نماز تي مڪمل پابندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو