سنڌ ۾ قبائلي تڪرار سردارن ذريعي حل ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ مان قبائلي تڪرارن جَي خاتمي جِي ذميواري قبائلي سردارن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اهڙو فيصلو صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي 26 هين اجلاس ۾ ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدار هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي جو ڪور ڪمانڊر، چيف سيڪريٽري، آءَ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز  سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرز به شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ قبائلي تڪرارن جَي خاتمي جِي ذميواري قبائلي سردارن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو، ڪچي ۾ روڊ نيٽ ورڪ وڇائڻ ۽ ڌاڙيلن کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو به فيصلو ڪيو ويو،ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته قبائلي تڪرارن تان سوين ماڻهو قتل ٿيا آهن، جن ۾ تيغاڻي ۽ بجاراڻي تڪرار تان 28 ۽ سبزوئي ۽ چاچڙ تڪرار تان 12 ڄڻا مارجي ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس ترت ٻڌڻ لاءِ عدالت جج مقرر ڪندي. ٿرپارڪر ۾ مائي بختاور ايئرپورٽ تان انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سول ايوي ايشن سان ڳالهائيندو. ڪي پي ٽي جو سيڪورٽي آڊٽ ڪندي سفارشون کين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڏوهارين جي مانيٽرنگ ۽ ٽريڪنگ ڊوائيس جي استعمال بابت سي آر پي سي ۾ ترميم جي منظوري به ڏني وئي.سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊر تي سختي ڪرڻ، ڏوهارين جي صوبن سان لسٽ شيئر ڪرڻ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ موثر رابطي جو فيصلو ڪيو ويو.  آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 11 مختلف جاين تي احتجاج تي پابندي لاڳو ڪئي آهي جيئن ريلوي ۽ هاءِ ويز تي اچ وڃ متاثر نه ٿئي. اجلاس ۾ سيف سٽي رٿا بابت ٻڌايو ويو ته 38 ارب جي هن منصوبي لاءِ هن سال 6.9 ارب رکيا آهن، ڪراچي ۾ 10 هزار ڪيمرا لڳايا ويندا. لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي ماهرن تي مشتمل ڪميٽي ٺهڻ جو به فيصلو ٿيو جيڪا ڏيڍ مهيني ۾ رپورٽ ڏيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 2021 ۾ 254 ماڻهو قتل ٿيا جن ۾ اڪثر ذاتي دشمني جا هئا، 2020 ۾ 508 ماڻهو قتل ٿيا هئا، جڏهن ته 15 جولاءِ 2021 تائين مجموعي طور تي اغوائن جا 28 ڪيسز ٿيا جن ۾ صرف 12 مستند هئا، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اغوا ۾ ملوث 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 3 ماريا ويا، 2021 ۾ ڀتا خوري جا 74 واقعا پيش آيا، 72 ڪيسز مان 62 ڀتا خوري جا ڪيسز پڪڙيا ويا، 4 ڀتا خورن کي ماريو ويو ۽ 94 گرفتار ڪيا ويا، ڀتا خوري جي 12 ڪيسز ۾ 5 آرگنائزڊ گينگ ملوث هئا. آءِ جي سنڌ موجب هلندڙ سال آپريشن دوران گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ 305 ڏوهاري ماريا ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قبائلي تڪرارن جي خاتمي جو حل رڳو سردار ئي ڪري سگهن ٿا. گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پل جي آس پاس روڊ رستا بهتر ڪيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2021 ۾ 2039.4 ڪيسز ٿيا جن ۾ اڪثر موبائل چوري جا هئا، هن حساب سان روزاني شهر ۾ 76.6 ڪيسز ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي وڏي وزير ان مارڪيٽس ۾ ڪارروائي جي هدايت ڪئي ته جيڪي موبائل فون چوري جا پارٽس وڪرو يا خريد ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2021 ۾ هر مهيني 16.9 فور ويلز گاڏيون چوريون ٿين ٿيون، جڏهن ته 2 ويلز جي چوري ڪراچي ۾ 335.2 هر مهني رڪارڊ ٿين ٿيون ۽ هر مهيني 2 ويلز 3501.7 گاڏيون چوري ٿين ٿيون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرمنل جا 189 انڪائونٽرز ٿيا آهن، 25 اسٽريٽ ڪرمنلز انڪائونٽر ۾ ماريا ويا آهن ۽ 607 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 982 اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار ڪيا ويا ۽ 3735 هٿيار اسٽريٽ ڪرمنل کان هٿ ڪيا ويا آهن، ان تي وڏي وزير آءِ جي کي هدايت ڪئي ته هو هر صورت ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ ۽ ايف آءِ آر ۾ شامل گاڏين کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، اڪثر گاڏين تي پرائيويٽ ماڻهو هٿيار کڻي ويٺل نظر ايندا آهن، هٿيارن جي نمائش جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي گارڊز جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. اجلاس ۾ افغان صورتحال سبب سنڌ ۾ سڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ، وڏي وزير ادارن کي سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن تي نظر رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ۽ ٻيو شڪي ايڪٽوٽيز تي نظر رکي وڃي، ڪجهه عنصر فرقيواريت کي واڌئڻ جي ڪوشش ڪندا جن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي وسيلن تي ٻوجهه آهن، جنهن سبب بجلي، پاڻي ۽ روزگار جا موقعا گهٽجن ٿا اهو مسئلو وفاقي حڪومت حل ڪري ڇو ته پاڪستان يو اين رفيوجيز ڪنويشن تي صحيح ناهي ڪئي.ان باوجود پاڪستان جي ان بابت پاليسي لبرل آهي جنهن سبب وڏا مسئلا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو