سنڌ ۾ سي اين جي بعد صنعتن کي به گيس جي فراهمي معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گيس ڪمپني سي اين جي اسٽيشن کانپوءِ فيڪٽرين کي به گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪمپني پاران اوچتو جمعي تي صبح 8 کان رات 12 هين وڳي تائين سي اين جي اسٽيشنز جي ٽن ڏينهن لاءِ گيس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد صنعتن کي به گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گرمين ۾ گيس جي بندش عجيب عمل آهي. ماضي ۾ سياري جي موسم ۾ گيس جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي رهي آهي پر اونهاري ۾ گيس جي بندش جو سبب سپلاءِ ۾ گهٽتائي ٻڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو