سنڌ ۾ حادثا ۽ جهيڙا 3 فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۽ برادرين جي ذاتي جهيڙن سبب 3 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ***سکر مان جيرام داس موجب اي سيڪشن ٿاڻي  جي اڳيان غريب آباد ۾ 2 گڏاڻي برادري جي هٿيار بندن پراڻي دشمني سبب گڏاڻي ڦاٽڪ جي رهواسي 22 سالن جي شوڪت پٽ سچل گڏاڻي تي ٽي ٽي پسٽل سان فائرنگ ڪئي جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب شوڪت گڏاڻي سخت زخمي ٿي پيو. کيس سول اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. هٿيار بند فرار ٿي ويا.***ڪوٽ لالو مان باغ علي موجب ڪوٽ لالو حيدرآباد واڌو واھ وٽ ٽرالر ۽ مزدا ۾ زور دار ٽڪر سبب امن چودگي  جي ڳوٺ حاجي جلال مري جو رهواسي مزدا ڊرائيور انور علي مري  فوت ٿي ويو ۽ سندس ساٿي چار ڄڻا  ميرهزار، ميموو مري، صيفل مري ۽ خميسو  مري زخمي ٿي پيا.

حادثي جو اطلاع ملڻ تي وارث لاش ۽ زخمين کي کڻائي حيدرآباد روانا نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس پيرسن امڙ بيهوش ٿي وئي.*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب مانجهند ڀرسان خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خاصائي  لڳ انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻو کان ڪراچي طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري  ڪلٽي ٿي پئي.

جنهن جي نتيجي ۾  عورت مڙس پٽ  سميت هڪ ئي گهر جا  4 لاڙڪاڻي واسي ڀاتي زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مسمات شائسته کرل سندس معصوم پٽ عبدالقادر مڙس مبشر کرل ۽  رميز  شامل آھن جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو  جتي ماءُ پٽ، شائسته ۽ عبدالقادر جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي خاڻوٺ پوليس تباهه ٿيل ڪار کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺي ڇڏيو. *** جيڪب آباد مان دولت گل مستوئي موجب آباد ٿاڻي جي حد ڪوريجا شاخ وٽ عمراڻي ۽ ملاڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري محمد خان ڀٽي ٿڏي تي قتل ٿي ويو.

پوليس موجب ڌرين ۾  پندرهن سال پراڻو ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ ھو مقتول جي ڀائٽي مٿان ڪارنهن الزام لڳل هو جنهن سبب کيس قتل ڪيو ويو آھي مقتول جو لاش ضروري ڪاروائي لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.*** ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب ڳڙھي حسن ٿاڻي جي بدمست پوليس اهلڪارن 5ورهين جي محمدسلام ۽ ڇھن ورهين جي نورحسن سرڪي کي چيڀاٽي ڇڏيو. زخمي نينگرن کي طبي امداد ڏيڻ کانپوء شهر منتقل ڪيو ويو. عيني شاهدن موجب پوليس موبائل جي تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو ، پوليس موجب نينگر اوچتو موبائل جي سامهون آيا تڏنهن واقعو پيش آيو.*** ٿرڙي محبت وچ شھر ۾ معمولي ڳالهه تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو ٿي پيو جنهن دوران  جوابدارن سڪندر ، مجاھد ۽ قلندر بخش جمالي ڏنڊا ھڻي اعجاز علي پٽ الھورايو جمالي کي زخمي ڪري ڇڏيو کيس ميھڙ تعلقه اسپتال ۾ آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو