سنڌ ۾ به ڪورونا ويڪسين جي کوٽ وڌي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ڪورونا ويڪسين جي کوٽ وڌي وئي، ٽاسڪ فورس جي فيصلي تحت ڪراچي سوڌو سموري سنڌ اڄ ويڪسينيشن سينٽرز بند ڪيا ويا، لاهور جي ايڪسپورٽ سينٽر تي پرڏيهه ويندڙ مسافرن کي ويڪسين جا ڊوز لڳرائڻ لاءِ اڳئين هفتي اچڻ جي هدايت، وزيراعظم جي خصوصي معاون فيصل سلطان چيو آهي ته ويڪسين جا 10 لک ڊوز موجود آهن، سڀاڻي 15 لک کان وڌيڪ ڊوز پهچي ويندا، 22 جون تي 25 لک ڊوز پهچايا ويندا، 23 کان 30 جون تائين وڌيڪ 30 لک ڊوز پاڪستان پهچايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو