سنڌ ۾ بصرن جو بمپر ڪراپ، امپورٽ تي پابندي هڻو، راهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق کان بصر ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ هيل 56 ھزار هيڪٽرز تي بصر پوکيا ويا آهن، 7 لک 60 هزار ٽن پيداوار جو امڪان آهي، وفاقي حڪومت ايڪسپورٽ تي پابندي لاڳو ڪري ايران ۽ افغانستان مان بصر گهرائي آبادگارن کي نقصان پهچائي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت کنڊ ۽ ڪڻڪ جيان بصرن بابت به ابتو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته سنڌ ڪل ملڪي پيداوار جو 40 سيڪڙو بصر پيدا ڪندي آهي جڏهن ته ٻئي نمبر بلوچستان آهي جيڪو 35 سيڪڙو ملڪي پيداوار جو بصر پيدا ڪري ٿو. سنڌ جي بصرن جي ڦلڪارا جنس عرب ملڪن ۾ ڪافي مقبول آهي. سنڌ ۾ بصرن جي اسٽوريج ۽ ڊي هائيڊريشن پلانٽ نه هجڻ سبب سپلاءِ وڌڻ بعد ريٽ ڪري ٿو پوي ۽ آبادگارن کي هر سال وڏو نقصان ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو