سنڌ ۾ امداد لاءِ رڙيون، حڪومتي پاليسي ۽ انتظاميه ناڪام

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي ٻه هفتا گذري ويا، گهرن ۾ بند ڪيل غريبن ۽ ڏهاڙيدار مزدورن کي راشن پهچائڻ لاءِ پيسا جاري ٿيڻ باوجود غريبن کي راشن نه مليو ، ماڻهون بک سبب بد دعائون ڏئي رهيا آهن. ڊي سي چون ٿا پيسا ٿورا مليا آهن سڀني کي امداد نٿا ڏئي سگهون، گهوٽڪي ۽ شهيد بينظيرآباد هر وارڊ ۾ 35 کان 40 بيگ ڏيڻ واري آڇ يوسي چيئرمينز رد ڪندي امداد وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسين ماڻهو نٿا وڙهائي سگهون، اسلام ڪوٽ ۾ غير معياري ۽ گهٽ مقدار ۾ آيل سامان واپس ڪيو ويو. سنڌ ۾ امداد لاءِ رڙيون ٿي رهيون آهن پر حڪومتي مشينري ميٽنگز ۾ مصروف آهن. اوٻاوڙو مان غلام علي رند ڊي سي گهوٽڪي خالد سليم راشن ورها؟ن لاءِ گهرايل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو، مختلف يونين ڪائونسلن جي چيئرمنن کي چيو ته ڪورونا آهي اجلاس نه ڪبو فون تي ڳالهايو. راشن ورهائڻ جو ڪم سست روي جو شڪار، لاڪ ڊائون جا ماريل ماڻهو پريشان ٿي الله کي ٻاڏائڻ لڳا آهن. يوسي خميسو چاچڙ جي چيئرمين پپلزپارٽي جي رئيس حامد علي خان چاچڙ ۽ وائس چيئرمين ميوو دونڌو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اوٻاوڙو مختيارڪار امان الله وٺي ڪيڊٽ ڪاليج ميرپور ماٿيلو وڃي ويهاريو سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد شام جو مختيار ڪار چيو ته هر يوسي چيئر مين کي 40 ڪٽا  راشن ڏيڻ لڳو جيڪو اسين وٺڻ کان انڪاري ٿيا سين اهڙي ريت پوري ضلع جي چيئر مينن راشن وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڇو ته خلق خدا جي پريشان آهن 40 ڪٽا ڪنهن کي ڏئي ڪنهن کي ڏينداسين، ماڻهو وڙهي پوندا. ڊي سي آفس وارن چيو ته جيترا فنڊ مليا آهن ان مان ايترو ئي راشن ملندو. ***ڪنب مان صفدرچانڊيو  موجب ڳوٺ عارب سولنگي جي مسڪين مزدور رهواسين جنهن ۾ ظھور احمد غلام حسين مراد علي سولنگي ۽ ٻين ڪنب ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڪنب ٽائون چيئرمين ساجن علي وساڻ وارڊ نمبر1 کي مسلسل نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي.

گذريل ٽي سال ۽ اٺن مهينن ۾ هڪڙو ٽڪو به ناهي ڏنو . ٽائون جي ماهوار بجيٽ هر وارڊ لاءِ 5 لک روپيا مقرر ٿيل آھن جڏھن ڪنب ٽائون کي آڪٽراءِ ۽ ضلع ٽيڪس مان به 51 لک ملي رهيا آھن. چيئرمين هاڻ اسان مزدورن کي به  راشن نٿو ڏي مسلسل 15 ڏينهن کان بک تي آھيون هوڏانهن ڪنب ٽائون چيئرمين احتجاج کان پوء ساڳئي ڳوٺ ۾ پنهنجن من پسندن کي ٻه ٻه هزار روپيا ڏئي فوٽو سيشن ڪرائيندو رهيو.***ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ موريو خان رند ديھ چارو جي غريب رهواسين جو مالي سهائتا نه ٿيڻ جي ڪري معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو مظاهري دوران ڳوٺاڻن انور رند؛ جلال رند؛ حبدار رند؛ زبير رند؛ ۽ ظھير علي رند سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي اڄ 15 ڏينهن به ڪورونا وائرس کان بچاء لاء ڪيل لاڪ ڊائون هوندي راشن ناهي ملي سگهيو، غريبن جو مال کائيندڙن کي خدا جو خوف به نٿو ٿئي.

*** پنوعاقل مان سنتوش ڪمار  موجب صوفي محلي جي رهواسين گل محمد پتافي ،عمر پتافي عورت سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته اسان کي ملڻ وارو راشن وارڊ نمبر پھرين جو ڪائونسلر آفتاب ڪلوڙ پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏنو آھي جڏھن ته اسين بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ، هنن اعلي اختيارين کان معاملي جو نوٽس وٺي وارڊ جي ڪائونسلر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، جڏھن ته وارڊ جي ڪائونسلر آفتاب ڪلوڙ چيو ته منھنجي وارڊ ۾ پنج سئو غريب خاندانن رھن ٿا جڏھن ته مونکي راشن جون پنجاه ٿيلهيون مليون آهن جيڪي مون مستحقن حوالي ڪيون آهن وڌيڪ منھنجي ھٿ ۾ ڪجهه ناھي مان ڇا ٿو ڪري سگھان . ***اسلام ڪوٽ مان صادق بجير موجب ٿرپارڪر ۾ غريبن جي لاءِ آيل امداد جي سامان ۾ به ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاپ سامهون آيو آهي،انهي سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران هر ڊسٽرڪٽ لاء ٻه ڪروڙ روپيه جاري ڪرڻ بعد ضلعي انتظاميه پاران ٿرپارڪر جي ستن ئي تعلقن ۾ مستحقن کي راشن بيگ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو.

چيو وڃي ٿو ته  ضلعي انتظاميه اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي هزارين مستحقن لاء رليف جا ٿيلها پيڪ ڪرائڻ  لاء  اسلام ڪوٽ جي ڪجهه منظور نظر ماڻهن  کي اهو ڪم سونپيو ويو هو،ذريعن موجب ڄاڻايل ماڻهن مقامي انتظاميه سان ڳٺ جوڙ ڪري موجوده انتهائي خوفزده ۽ مشڪل حالتن جي باوجود پيٽ بکايل متاثرين جي امداد مان به پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاء مبينا ڪرپشن ڪري پيڪ ڪيل سامان ۾ غير معياري ۽ ٽارگيٽ کان گهٽ سامان پيڪ ڪري ڳجهه ڳوھ ۾ ڇڪڙن ۾ لوڊ ڪري ننگرپارڪر جي مستحقن لاء موڪليو ويو،ذريعن موجب اهڙي  اطلاع  تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ٽيم پهچي سامان چيڪ ڪيو جيڪو غير معياري ۽ اڻپورو هجڻ ڪري  ٽيم  سمورو سامان رد ڪري واپس ڪري ڇڏيو. مستحق لاءِ ٻه هزار روپين جو سامان پيڪ ڪرڻو هو،پر اسلام ڪوٽ ۾ پيڪ ٿيل سامان 1500 روپين جو نڪتو. رابطي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ ناهيد احمد ميراڻي ٻڌايو ته سرڪار پاران مستحقن لاء آيل رليف جي سلسلي ۾ عوام کي جلد رليف پهچائڻ لاء مختلف شهرن ۾ راشن بيگ تيار ڪرايا پئي ويا جلد مسئلو حل ڪيو ويندو.***سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ موجب راشن تقسيم ڪرڻ لاءِ اسٽنٽ ڪمشنر سليم جتوئي ۽ مختيار ڪار وسيم لاشاري گڏجاڻي ڪري سڪرنڊ جي پندرهن وارڊن جي چونڊيل ڪائونسلرن کان مستحق 150 ماڻھن جي لسٽ گهري وئي هئي جيڪا ڪائونسلرن من پسندماڻهن جون ٺاهي سندن حوالي ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر شھيڊ بينظير آباد جي نوٽيفيڪيشن موجب في وارڊ کي 35 راشن جا ڪٽا ڏيڻ جي فيصلي بعد ڪائونسلرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي ۽ ڪائونسلرن راشن جا ڪٽا کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته وارڊ ۾ سوين غريب رهن ٿا ۽ انتظاميه طرفان 150 ماڻهن جي نالي جي منظوري وٺي 35 راشن جا ڪٽا ورهائڻ جو فيصلو رينجرس جي نگراني ۾ ڪيو.

اسين ماڻهو ڪو نه وڙهائينداسين. سروي دوران معلوم ٿيو آھي ته اسسٽنٽ ڪمشنر رات جي انڌيري ۾ من پسند ماڻهن راشن بيگ تقسيم ڪيا آھن.***عمرڪوٽ مان اي بي آريسر موجب 15ھين ڏينھن به عمرڪوٽ شھر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون واري صورتحال برقرار رھي جڏھن ته مختلف مارڪيٽون توڙي بازارون مڪمل طور بند پيل رھيون پاٽشالا روڊ شاھي بازار ٿر بازار ۽ ٻين مارڪيٽن جي چوئنڪن تي رينجرز ۽ پوليس جي جوانن جو گشت جاري رھيو جڏھن ته لاڪ ڊائون سبب ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورھيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ۽ راشن ورھائڻ جو سلسلو اڃان تائين شروع نه ٿي سگھيو آھي.***وڳڻ علي مصطفىٰ بروهي  موجب عوام کي سرڪار پاران اعلانيل راشن نه ملي سگهيو مزدورن ٻئي ڏينهن به گاھ هٿ ۾ کڻي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج ڪيو، سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو ان موقعي تي عبدالخالق چانڊيو ۔ ولايت چانڊيو ۔ نورل چانڊيو ۔ عظمت علي ۽ ٻين چيو ته ڪرونا وائرس جي خدشي سبب شھر بند ڪرايو ويو لاڪ ڊاؤن کي پندرنهن ڏينهن گذري ويا آھن ۽ اسين مزدور فاقاڪشين تي مجبور آھيون حڪومت پاران اعلانيل راشن پڻ ناهي ملي سگهيو چونڊيل نمائيندا گم ٿي ويا آھن. *** لاڙڪاڻو جي يوسي ون ۾ نيو شھباز ڪالوني ميروخان چونڪ واري محلي م 50 کان وڌيڪ  غريبن توڙي مسڪين مزدورن ۾ گھر گھر وڃي راشن پھچايو ويو،  ايم پي اي معظم علي عباسي جي تعاون سان جيئو کوسا اتحادلاڙڪاڻي جي اڳواڻن محمد خان کوسو مير عابد خان کوسو  احمد خان کوسو نواب  خان کوسو نادر کوسو مقيم کوسو عبدالرزاق جمالي جن راشن ورھايو.*** رتوديرو مان عطاءَ الله بروهي موجب ٻه هفتا گذري ويا حڪومت غريب عوام کي راشن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي،شهر جا مکيه ڪاروباري مرڪز ريشم گلي ڪپڙا بازار درزي بازار بوٽ بازار ماوا بازار ڊکڻ بازار مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته سبزي مارڪيٽ ڪريانا بازار ميڊيڪل اسٽور کليل رهيا جتان سرندي وارا روز مرھ ۾ استعمال ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جو سامان خريد ڪري رهيا آهن ٻئي پاسي مڪمل لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارن مزدورن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي وس وارن ڪا به واهر نه ڪئي جنهن ڪري مزدور طبقي جا ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن خيرپور مان محمد علي جانوري  ڪروناوائرس مرض جي پاڪستان ۾ پکيڙجڻ، لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل پورهيت ٻٽي عذاب ۾، لاڪ ڊائون روزگار بند ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت جي امدادي اعلان معتارف ڪرايل هيلپ لائن 8171 مستحقين کي دربدر ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جو گھر گھر راشن پهچائڻ وارو واعدو وفا نه ٿي سگھيو. سرمائيدار مال ميڙڻ ۾ مصروف، ڪرونا متاثر پورهيت خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.***نئون ڪوٽ مان پيارعلي نھڙيو موجب ملڪ جا حڪمران غريب ماڻهن کي رڳو سکڻا دلاسا ڏئي رهيا آهن پندرنهن ڏينهن تائين ڪنهن به سياسي پارٽي جي نمائندي غريب ماڻهن جي سار نه لڌي آهي اهڙو اظهار قومي عوامي تحريڪ نئون ڪوٽ جي اڳواڻ حيدر ڀٽي پريس ڪلب نئون ڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو حيدر ڀٽي چيو ته ملڪ ۾  ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لا مڪمل لاڪ ڊائون ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي لاڪ ڊائون کي پندرنهن ڏينهن کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي غريب ماڻهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن هر روز خودڪشي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن مگر وفاقي توڙي صوبائي حڪمران هر روز نوان اعلان ڪرڻ ۾ پورا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو