حيدرآباد(بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ افغانين جي آبادڪاري،زمينن تي قبضن، وفاق پاران 16 هزار ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پاڻي تي ڌاڙي خلاف پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي آبادڪاري پاڻي جي کوٽ، ملازمن جي برطرفين سميت ٻين مسئلن خلاف پهرين سيپٽمبر کان پورو مهينو احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ٿي ڪري. هن چيو ته وفاق سنڌ جي 16 هزار ملازمن کي فوري طور بحال ڪري، ارسا سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي فراهم ڪرڻ بند ڪري. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش بعد وفاق سنڌ جا ملازم بي دخل ڪري ڇڏيا آهن، ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سموريون پارٽين کي اپيل آهي ته هو افغان پناهگيرن جي آبادڪاري خلاف ڏنل احتجاج واري سڏ ۾ گڏ ٿين ته جيئن ڌارين جي يلغار کي روڪرائي سگهجي.
’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ويٺا آهن‘
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان