سنڌ،ڪشمير۽ گلگت ۾ لاڪ ڊائون، 150 کان مٿي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن ننڍن وڏن شهرن ۾ سناٽو آهي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪئي وئي آهي، سنڌ سان گڏ گلگت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن به لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي. عام مزدور ڏهاڙيدار توڙي نجي ڪاروباري ماڻهو به پريشان آهن. بظاهر ته سنڌ حڪومت جو فيصلو عام ماڻهو لاءِ مشڪل جو سبب آهي پر ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ بهتر قدم آهي.

ڪراچي ۾ ويراني جو منظر

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بٺورو، دڙو، نئون ڪوت، ڪلوئي، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، ميرپور خاص، ڊگهڙي، سنڌڙي، سانگهڙ، کپرو، ورڪشاپ، سنجهورو، بينظير آباد، مٽياري، سعيد آباد، قاضي احمد، سڪرنڊ، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، ٺل، دادو. خيرپور ، نوشهروفيروز، پڊعيدن، ڀريا، مٺياڻي، جوهي، ڪي اين شاهه، ميهڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز گشت ڪري رهي آهي،

نوشهروفيروز ۾ گرفتارين جو ڏيک

ڪاروبار بند آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي خلاف ورزي سبب 100 کا مٿي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب رڳو ڪراچي ۾ 60 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوليس سان منهن ماري ڪندڙ 17 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويا آهن. ڪنڊيارو پوليس شهر جي اسپتال روڊ تي ڪارروائي ڪندي هڪ هوٽل تان 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري قانون جي ڀڇڪڙي ڪرڻ تي سرڪار جي مدعيت ۾ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

. گرفتار ٿيلن ۾ سليم ملاح، حامد ٻڌ، نياز ٻڌ، ماجد گهانگهرو، فراز کوسو، شهباز ابڙو، رحمت الله، شهزادو، درمحمد شامل آهن.حيدر آباد مان 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ميرپور خاص مان 19 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن. نوشهروفيروز مان به 5 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن،

سکر ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي  ڪندڙ 50 ڄڻا لاڪپ حوالي ڪيا ويا منجهند تائين ٿاڻو ڀرجي ويو مرغو ٺاهڻ کان پوءِ معافي وٺڻ ۽ آئنده خلاف ورزي نه ڪرڻ جي خاطري بعد پوليس کين آزاد ڪري ڇڏيو.

جيڪب آباد ۾ رينجرز جو گشت

پاڪستان ۾ پهريون دفعو 23 مارچ رضا ڪاران سوشل بائيڪاٽ واري ماحول ۾ ملهايو پيو وڃي. دنيا ۾ سومر جي منجهند تائين 14706 رپورٽ ٿيا. جڏهن ته وائرس ۾مبتلا ماڻهن جو انگ 339704 رڪارڊ ڪيو ويو. وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 99016 ٻڌايو پيو وڃي. آمريڪا ۾ 38 ماڻهن جي وفات بعد مرندڙن جو انگ 457 ٿي ويو آهي جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 35060 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت اٽلي ۾ 5476 ٿي ويا آهن. ٻئي نمبر تي چين ۾3270 اسپين ۾1772 ۽ ايران ۾ 1685 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

ميرو خان ۾ ويراني جو ڏيک

پاڪستان ۾ وڌيڪ ماڻهن جي وفات بعد مرندڙن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، 27 نوان ڪيس رجسٽر ٿيڻ بعد وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 803 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ 352، پنجاب 225، بلوچستان ۾ 108، گلگت ۾ 71 خيبرپختونخواهه ۾ 31، اسلام آباد م 15 ۽ ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. گلگت، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا آهن.

22 مارچ تي ڪورونا وائرس بابت دنيا جو اپ ڊيٽ

پهنجو تبصرو موڪليو