سکر (پ ر) 31 مارچ 2019ع جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته جماعت اسلامي اقامت دين جي تحريڪ ۽ معاشري ۾ موجود ظلم ۽ ناانصافين جي خاتمي توڙي عدل جو نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۽ روهڙي ۾ دعوتي، تنظيمي اجتماعات کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته امت جي فلاح، ڪاميابي ۽ سڀني مسئلن جو حل قرآن ۽ سنت جي بابرڪت نظام جي نفاذ ۾ آهي، جماعت اسلامي جي دعوت الي الله رابطه عوام مُهم به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن ماڻهو سجاڳ ۽ دين سان جڙي سگهن ته جيئن آخرت ۾ ڪاميابي ۽ دنيا امن سڪون جو ماڳ بڻجي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي پنهنجي ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ توڙي نوجوان نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ شريعت جو نظام ۽ ديانتدار قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو. ان موقعي تي ضلعي امير علامه حزب الله جکرو، مولانا سلطان لاشاري، مقامي امير زبير حفيظ، صوبائي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود هن وقت کنڊرات جي منظر ڪشي ڪري رهيو آهي، عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر جڏهن ته حڪومتي وزير ، مشير امير کان امير ٿيندا پيا وڃن، صحت، تعليم، روزگار ۽ مڪاني ادارن جي حالت خراب ۽ عوام مهانگائي کان بي حال آهي. بلاول زرداري هڪ ٽرين مارچ سنڌ ۾ بيروزگاري، بُک، بدامني، مهانگائي ۽ پنهنجي حڪومت جي 11 سالن جي بدترين ڪارڪردگي خلاف ڪري ته بهتر ٿيندو.وفاقي حڪومت جي خزاني واري وزير اسد عمر کان پوءِ ارب پتي مشير رزاق دائود عوام کي مهانگائي برداشت ڪرڻ جون صلاحون ڏئي تبديلي سرڪار جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي.
آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر تبديل، نوٽيفڪيشن جاري
بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار
ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب