سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوا سان وڏي برسات جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي جي جاري ڪيل الرٽ  موجب هوا جو دٻاءُ گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 20 ڪلوميٽر  في ڪلاڪ جي رفتار سان اولهه اتر پاسي وڌي رهيو هو، سو هاڻي ڪراچي کان 240 ڪلوميٽر اوڀر ڏکڻ پاسي، ٺٽي کان 200 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 410 ڪلوميٽر پري آهي. موسميات کاتي موجب اهو سسٽم ايندڙ 12 کان 18 ڪلاڪن ۾ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. انهي نئين موسمي لقاءَ هيٺ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، سانگهڙ، بينظيرآباد، نوشهروفيروز، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، دادو، ڄامشورو، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي ۾ اڄ کان 2 آڪٽوبر تائين طوفاني هوائن سان شديد برسات پئجي سگهي ٿي. انهن شهرن مان نمائندن موجب خميس تي شام جو برسات جو وسڪارو به ٿيو آهي. ان کانسواءِ بلوچستان جي علائقن گوادر، لسٻيلو، آواران، ڪيچ، خضدار، قلات ۽ پنجگور ضلعن ۾ پڻ تيز طوفائي هوائن سان سخت برسات متوقع آهي. سمنڊ ۾ چاڙهه سبب مهاڻن کي 3 آڪٽوبر تائين سمنڊ ۾ وڃڻ کان منع ڪيو ويو آهي جڏهن ته تيز برساتن سبب ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، بينظيرآباد، دادو ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو