اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پ پ ۽ سنڌ سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پنهنجي پوليس ئي ناهي، 1990 کان سنڌ رينجرز اتي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت ۾ صلاحيت ئي نه آهي ته پنهنجي پوليس ٺاهي سگهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جيترا پيسا سنڌ حڪومت کي ڏنا وياان سان ته شهر کي پيرس هجڻ گهرجي ها، سنڌ سرڪار کي ڏنل پيسا لنڊن يا ٻين ملڪن ڏانهن ويندا آهن، ٻن سالن 16 سئو کان 17 سئو ارب سنڌ کي صرف اين ايف سي مان ڏنا ويا، گرانتش جي مد ۾ الڳ رقم ڏني وئي، سنڌ حڪومت ڪيو ڇا آهي، هي پيسا ڪاڏي ويا، هي پيسا لنڊن، ڪينيڊا، آمريڪا، پيرس ۽ دبئي هليا ويا، ٻه خاندان آهن، هڪ هتان کان ٻيو سنڌ کان پيسا ٻاهر موڪلي ٿو. فواد چوڌري چيو آهي ته هي چون ٿا ته عوام جا کيسا خالي آهن ۽ ڪاروبار نه آهي، ٻڌايو وڃي مفتاح اسماعيل جي فيڪٽري اربين رپيا ڪيئن ڪمايا، اپوزيشن کي خبر ئي ناهي ته هنن جو ليڊر ڪير آهي، ڪڏهن نواز شريف، ڪڏهن مولانا فضل الرحمان وٽ ويندا آهن، هي وکريل گروه آهي، عمران خان اچي ملڪي معيشت کي هڪ سهارو ڏنو، ڪورونا ۾ اسان حفاظتي سامان پاڻ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي رهي آهي، اپوزيشن جي رفتار گهٽجي رڪجي وئي، اپوزيشن جي ڪا به ليڊر شپ نه آهي، اپوزيشن هڪ منصوبي تحت ايندڙ اليڪشن کي ڌنڌلي زده قرار ڏئي رهي آهي، هنن کي خبر پئجي وئي ته ايندڙ 5 سالن ۾ به عمران خان هوندو.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29