سنڌ کي پنهنجي حصي موجب پاڻي ڇو نٿو ملي؟

ليکڪ   عبدالمجيد بروھي 

سنڌ ۾ ھن وقت اڪثر واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي پاڪستان جا پاڻي گڏ ڪرڻ لاء ٺاھيل ڊيمن ۾ پاڻي جي مقدار ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي ارسا وارا ان  باوجود سنڌ کي سندس حصي موجب پاڻي ڏيڻ کان صاف انڪاري آھن  پاڻي ڪافي مقدار ۾ گھٽ ھجڻ باوجود ڪجھ ھاري آبادگار ان لالچ ۾ ٻيڄارو پوکي رھيا آھن تـ شايد ارسا وارن کي سنڌ جي ھارين تي رحم اچي ۽ اھي سنڌـکي حصي موجب پاڻي ڏين اھي ويچارا ٻيڄارو پوکي بعد ۾ پنھنجي ٻيڄاري کي سڙي خاڪ ٿيڻ کان بچائڻ جي لاء پنھنجي مدد پاڻ تحت ڊيزل انجڻ شاخن مٿان رکي ڊيزل انجڻن جي مدد سان ٻيڄاري کي پاڻي ڏين ٿا اڪثر ھاري ويچارا  پنھنجي ٻيڄاري کي بالٽي کڻي ڇنڊا ھڻندي پاڻي ڏيندي  نظر اچن پيا  وزيرمشير جيڪي پي ٽي آء ۾ آھن يا ھاڻي جيڪي ويچارا ڪرسي جي لالچ ۾ اجي جي  ڊي اي کي ڇڏي پي ٽي آء ۾ شامل ٿي رھيا آھن اھي پنھنجي علائقن جي ھارين جو حال احوال بـ وزير اعظم کي ڏين جيترو بـ پاڻي  سنڌ جي واھن ۾ آيل آھي ۔  ان سان  تـ رونبو ٿيڻ مشڪل آھي   عمران نيازي جي خوشوندي حاصل ڪرڻ جي لاء پنھنجي ئي سنڌ  جي ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري پنھنجي ڪرسي بچائي رھيا آھيو  ڪرسي وٺڻ جي لاء وفاداري مٽائي رھيا آھيو ڀلي ڪيو جيڪو ڪرڻو آھي اوھان کي وڃي ڪيو پر مالڪ  سائين پاڻي جي کوٽ تي بـ ڪجھ ڳالھائجو ضرورھن وقت ھاري آبادگار سخت ٻڏتر جو شڪار آ ھن  سنڌ کي ھن وقت بـ پنجاھ سيڪڙو سندس حصي کان گھٽ پاڻي مھيا ڪيو پيوـوڃي ان جي ڪري ئي ھن وقت پوري سنڌـ۾ ھاري آبادگار مونجھاري جو شڪار آھن ۽ سخت پريشانين ۾ ورتل آھن ڇو تـ ھن وقت تائين اھي سارين جو ٻيڄارو بـ پوکي ناھن سگھيا جيڪڏنھن ٻيڄارو پوکيو بـ اٿن تـ سندن ٻيڄارو پاڻي نـ ھجڻ جي ڪري شڙي پيو  ان حصاب سان ڏسجي تـ ھن سان ايري ڇھ سارين جو فصل اپائيندڙ ھاري آبادگار ھن سال اريري ڇھ جو رونبو نـ ڪري سگھندا ڇو تـ ھن مھيني ۾ ئي ايري ڇھ جي پوکائي لاء موزون مند آھي جيڪو ھن وقت مند ختم آھي ھن  جون بعد ايري ڇھ پوک اپت ناھي ٿيندي  ان جي لاء لکين ايڪڙ اھا زرعي زمين ھن سال بنجر بڻجي سگھي ٿي جنھن تي ايري ڇھ جي پوکائي ڪئي ويندي ھئي ان سان گڏ ھاء برڊ سارين جو رونبو ڪندڙ ھاري آبادگار پڻ ھن وقت ٻڏتر جو شڪار آھن جيڪڏنھن ھن مھيني ۾ اھي سارين جو ٻيڄارو پوکيـنـ سگھيا تـ پوء شايد ھاء برڊ جي مند بـ ختم ٿي ويندي ان جي ڪري ئي ھن وقت سنڌ حڪومت وفاق آڏو سخت احتجاج ڪيو آھي پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج جاري آھن پر تنھن باوجود ارسا پاران سنڌ کي پنجاھ کان سٺ سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏنھن تـ پنجاب پاران بندش پيل تونسا پنجند ڪئنال ۽ چشما جھلم ڪئنال ذريعي سنڌو جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي ھن وقت پوري سنڌ ۾ سنڌ واسي پنھنجن حقن سنڌ سان ويساھ گھاتين خلاف ھڪ آوا ز ٿي  سنڌوء جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف گڏ ٿي ڪري گڏيل آواز بلند ڪن تـ مان سمجھان ٿو دنيا جي ڪابـ طاقت سنڌ جي پاڻي کي چوري ڪرڻ جي جرئت نـ ڪري سگھندي باقي ھي پنجاب جيڪو ڪجھ ارسا ۽ وفاق جي ڏاڍ تي ڪري پيو ان کي سنڌـواسي صرف ايڪي ۽ ٻڌي سان سگھن ٿا  سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي ھتان جي عوام جو 90 سيڪڙو گذر سفر زراعت  تي آھي جيڪڏنھن انھن کي پاڻي وقت تي نـ مليو تـ اسان جي صوبي ۾ ھڪ وڏو بحران ايندو ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو سنڌ واسي فاڪن جو شڪار ٿيندا انجي ڪري سڀ گڏجي پاڻي چوري خلاف آواز اٿاري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي کي روڪڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن پاڪستان پيپلزپارٽي وارا ڪيترا بـ توھان جي نظر ۾ خراب ھجن پر ھن وقت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف صرف پ پ پ وارا ئي آواز اٿاري رھيا آھن باقي سڀ گم آھن جي ڊي اي وارن چپ سبي ڇڏيا آھن پي ٽي آء سنڌ سان وابسطا چونڊيا ايم اين اين ايم پي اي سينيٽر وفاق جي ڏاڍ ۽ پاڻي چوري ۾ پنجاب جو ساٿ ڏين پيا پوء  ب ۔  سڀ خوار ۽ خراب پ پ پ وارن کي ڪن پيا 

ھڪ طرف سنڌ اندر پاڻي نـ آھي مٿان وري سنڌ ۾ ھائبرڊ سارين جو ڪايوبار ڪندڙ ڊيلر ۽ دڪاندار پڻ من پسند ريٽ مقرر ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي لٽي ۽ ڦري رھيا آھن 

گذريل سال ۽ ان کان اڳ اھي ھاري ۽ آبادگار سخت پريشان ھيا جن مھانگي اگھ تي  ھاء برڊ سارين جو ٻڄ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ دڪاندارن کان مھانگي اگھن تي ٻيڄارو وٺي پوکيو ان بعد ڪجھ ھارين جو ٻيڄارو تـ ٿيو ئي نـ ھيو جن جو ٻيڄارو ٿيو انھن مان اڪثر ھارين آبادگارن جي فصل جو حال اھو ھيو جو انھن جي فصل جو ول تـ سٺو ٿيو پر انھن جي سارين جي فصل نيسر نـ ڪيو سوين ھزارين جريبن تي مشتمل سارين جو فصل صرف گاھ جي صورت ۾ موجود رھيو ان ۾ ساريون نـ ٿيون نيسر نـ ڪرڻ سبب ھارين پاران فصل تي لڳايل سندن پيسا تـ برباد ٿي ويا پر جنھن اپت ۽ بچت جي لاء انھن لکين روپيا وياج تي وٺي ڀاڻ دوائون وٺي فصل تي لڳايا اھي پيسا بـ سندن جا برباد ٿي ويا جيڪي ھاري آبادگار سارين جي فصل جي اپت تان سڄو سال پنھنجي گھرن جو ڪاروونھوار ھلائيندا ھيا اھي انھن نقلي ھاء برڊ وڪرو ڪندڙن جي ڪري۔  تباھ ۽ برباد ٿي ويا وياج تي ورتل پيسا ٻيڻا ٽيڻا ٿيندا ويا ۽ پوء مجبور ٿي انھن کي پنھنجي گھرن ۾ پيل سونا زيور وڪڻڻا پيا ۽ وياج خورن کان نجات حاصل ڪيائون 

دراصل ڪجھ ڊيلر اھڙا آھن جيڪي گذريل سال جي ٻيڄاري کي رنگ ھڻي نئين سال جي پيڪنگ ۾ بند ڪندا آھن ڪيترا ڊيلر اھڙا بـ جيڪي سال گستو ساريون وٺي انھن کي ڪلر ڪري نئين ۽ شاندار پيڪنگ ۾ انھن کي بند ڪري مارڪيٽ ۾ آڻي وڪرو ڪندا آھن انھن مان اڪثر ڊيلر ۽ مالڪ پنجاب جا آھن جيڪي سنڌ ۾ ايجنٽ مقرر ڪري انھن کي گاڏيون ڏئي ٽارگيٽ ڏيندا آھن تـ توھان ھي مال وڃي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪريو ۽ انھن دڪاندارن کي بـ لالچ ڏيو تـ ھيترا ٽن وڪرو ڪريو تـ توھان کي ٻاھرين ملڪن جي دورو ڪرائينداسين توھان کي ايئرڪنڊيشن ڏينداسين توھان کي ڪيش انعام ڏينداسين پوء انھيء لالچ ۾ اچي دڪاندار غريب ھارين سان ظلم ڪندا آھن دانھن ڪرڻ تي کين قصور وار قرار ڏئي اھو چوندا آھن تـ توھان ٻيڄارو ڏنل ڄاڻ موجب ناھي پوکيو ظلم جي انتھا آھي ھاڻي انھن ڊيلرن ۽ دڪاندارن کي پابند ڪيو وڃي تـ جيڪو ٻيڄارو اھي ھارين کي ڏين ٿا يا تـ اھي پاڻ اچي پنھنجي نگراني ۾ پوکي   پوء وڃن پوء بـ جيڪڏنھن ٻيڄارو نـ ڦٽي ۽ ڦٽڻ بعد اھو نيسر نـ ڪري تـ ٻنھي صورتن ۾ کين آبادگارن ۽ ھارين کي سندن زمينن مان جيڪا اپت ٿيندي آھي ان مطابق کين معاوضو ڏيڻ جو پابند ڪيو وڃي

Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو