سنڌ کي قبيلائي سردارن جي ور نه چاڙھيو

ليکڪ   ڊاڪٽر عرفانا ملاح

ڪجھ ڏينھن اڳ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو ،سنڌي اخبارن مطابق ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قبيلائي جھيڙن کي  نبيرڻ جو ڪم قبيلن جي سردارن جي حوالي ڪيو ويندو.  اپيڪس ڪميٽي جو وجود نيشنل پلان آف ايڪشن جي نتيجي ۾  وجود ۾ آيو،جھن ۾ سول ۽ ملٽري قيادت گڏيل فيصلو ڪيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ دھشتگردي کي ملي منھن ڏيڻ لاء گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي. جيتوڻيڪ نيشنل پلان آف ايڪشن ھڪ انتھائي اھم دستاويز آھي جنھن ۾ واضع پاليسي آھي تي ڪئين امن امان ۾ خلل وجھندڙ ڌرين کي منھن ڏيڻ گھرجي.  دھشتگردي جي خاتمي لاء ڪھڙا اپاء ورتا وٺڻ گھرجن. اگر نيشنل پلان آف ايڪشن تي من و عن عمل ڪيو وڃي  ھان ته جيڪر پنجن سالن ۾ ملڪ مان دھشتگردي جو مڪمل خاتمو اچي وڃي ھان.شروعات ۾ ان جي ڪيترين ئي شقن تي عمل ڪندي مخلتف ادرا جوڙيا ويا ۽ ،آئيني ترميمون به ڪيو ويون جنھن ۾ فوجي عدالتن جو قيام به شامل ھو. ان مطابق ڪيترن ئي  دھشتگردن کي فوجي عدالتن پاران  سزا به  ڏني وئي . خطرناڪ دھشتگردن لاء ڊٽينشن سينٽر قائم ڪرڻ به ان پلان جو حصو ھو . پر بعد ۾ ان پلان ھيٺ صرف ھڪ ڌر جي اجارادي کي مظبوط ڪيو ويو . نيشنل پلان آف ايڪشن آرمي پبلڪ اسڪول واري قومي سانحي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو ھئو . پر آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي ۾ ملوث دھشتگرد احسان الله احسان کي ڪنھن ڊٽينشن سينٽر  بجاء ھڪ گھر ۾ رکيو ويو جتان ھو آساني سان فرار ٿي ويو.  ٻئي طرف بي گناھ ،پر امن پورھيت جدجھد ڪندڙ سينگار نوناري جھڙرن ڪيترن ئي ڪارڪن کي راتوواھ گھران کڻي بي سبب  گم ڪيو ويو اھي. ائين ڪيترائي ماڻھون ڪجھ عرصي کانپوء آزاد ڪيا ويا ، اگر ھو بينگاھ ھئا  ته  غلط اطلاع ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ھان.جيڪڏھن گنھگار آھن ته عدالتن ۾ ڪيس ھلائي سزا ڏياري وڃي. سنڌ ۾ گھڻي قدر بيگڻاھ نوجوان ، جيڪي صرف سنڌ جي آئيني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ سندن ھٿيار رڳو اھي لفظ آھن جن سان ھو سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالھائن ٿا، انھن کي جبري طور گم ڪيو ويو. آئيني ۽ قانوني  حدن ۾ رھي صوبائي حقن جي گھر ڪندڙ ، فيس بوڪ تي ھڪ اسٽيٽس يا ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪندڙن کي ته گم ڪيو ٿو وڃي . کين لاء ڪھڙي  غار ۾ اڇلايو ٿو وڃي جو ملڪ جون عدالتون به انھن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ويون اھن. پر ٻئي پاسي خطرناڪ ملڪ دشمن دھشت گرد آساني سان نڪري وڃن ٿا. رياست شھرين جي جان مال جي تحفظ لاء زميوار آھي ،پر ھتي شھري رياست جي تحفظ جي نالي تي يرغمال ڪيا وڃن ٿا، جھن کي روڪڻ لاء به اعلي سطح تي پاليسي ٺھڻ گھرجي جئين ماڻھن سان ناانصافي نه ٿئي. اپيڪسس ڪميٽي ۾  اعلي سولين ، ملٽير ۽ آفيسر شاھي ،پوليس جي قيادت شامل ھوندي آھي. ان ۾ موجود سول انتظاميه ڪڏھن به شھرين جي آئيني حقن جي تحفظ جي ڳالھ نه ڪئي آھي . ان ڪميٽي مان وزيراعظم عمران خان ، جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان پھرين مسنگ پرسن جي ڪيمپ تي وڃي اعلان ڪندو ھو تي ھو جبري گمشدگي جي خلاف آھي. پر وزيراعظم ٿيڻ کانپوء اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪڏھن به ان خلاف نه ڳالهايو،  نه ئي ان پاليسي جي  خاتمي جي گھر نه ڪئي. اپيڪس ڪميٽي انتھائي اھم فورم آھي ،اگر اتي سياسي قيادت جبري گمشدگي جي خلاف آواز بلند ڪندي تي ڪيترائي بيگناھ شھري ان جبر کان بچي پوندا. نيشنل پلان آف ايڪشن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي جو وڏي پيماني خاتمو ساراھ جوڳو عمل آھي. ان سان گڏ سابق  فاٽا کي قبائلي نظام کان آجو ڪري خيبر پختونخوا صوبي جو حصو ٺاھڻ وارو عمل به قابل تعريف آھي. اھو ٻي ڳالھ آھي ته ان آپريشن دوران ڪيترائي سولين به گھر ٿيا پر آخر ۾ فاٽا جو عليحده حيثيت ختم ڪري اتي ھواسين کي قانوني شھري تسليم ڪيو ويو.

جئين اتي ان پلان ھيٺ ان آپريشن سميت ڪجھ ٻيا ڪم به شامل ھيا جن تي عمل درآمد اڃا تائين ٿيو آھي.  ان پلان  ھيٺ مدرسن کي ملندڙ امداد ، انھن جي رجسٽريشن، ۽ ڪريڪيولم جو جائزي وٺڻ وارو ڪم اڳيان نه وڌيو. ملڪ جي ٻاھرين/خارجي  پاليسي ملڪ جي داخلي پاليسي تي اثرانداز ٿيندي رھي، جنھن ڪري نيشنل پلان آف ايڪشن تي عمل درآمد به متاثر ٿيو. جن ۾ ڪجھ ذھبي ڌرين ، چند قبيلائي سردارن ، سخت گير پيرن کي کلي ڇوٽ ملي وئي ته جئين چاھين ڪم ڪن. جڏھن ته روايتي دعوه ڪئي وئي تہ ھشتگردن جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي پر اڄ به  ھو جتي چاھين ٿا اتي حملو ڪري سگھن ٿا.  اسٽاڪ ايڪسچينج، يا تازو ڪراچي ۾ چيني شھرين تي حملي سان گڏ ڪنھن ٻئي اھم ٽارگيٽ ھجن ، آھي محفوظ نه آھن.  جڏھن ته انٽيليجينس ادارن جو ڪم آھي اھڙي قسم جا حملا اڳواٽ روڪين ، جنھن ۾ ھو اگر ناڪام ٿين، ته انھن جو پڇاڻو ٿيڻ گھرجي. جئين  ته ھنن جو گھڻو توجھ  ففٿ جنريشن وار تي آھي ، جتي عام ،شھرين کي سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي سچ لکڻ ، سچ ڳالهائڻ تي کڻي گم ڪيو وڃي ٿو ، پوء ڪجھ ڏينھن کان پوء آزاد ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته آف لائين ڪم ڪندڙ اڄ به ڪاميابي سان ڪاروايون ڪري رھيا آھن. ان ڳالهه کان ڪير بہ انڪاري نه آھي تہ پوري دنيا اندر رياستون سوشل ميڊيا پروپيگنڊا کي استعمال ڪندي پھنجي لاء بھتر اميج ٺاھڻ استعمال ڪن ٿيون. ميڊيا مخالف رياستن پاران به استعمال ڪيووڃي ٿو. ايتري قدر جو آمريڪا جھڙي سامراجي رياست جنھن پوري دنيا ۾ دھشتگردي پکيڙ ۽ بينگاھ انسان کي مارڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي اھا بہ جھموريت ۽ انساني حقن تي ٻين ملڪن کي ڀاشن ڏئي پئي . تنھن ڪري ھر رياست کي حق آھي ته پھنجي بھتر اميج لاء سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري پر ، آمريڪا جي انساني حقن جي ڀاشن کي پوري دنيا  ان ڪري اھم سمجھي ٿي جو ،امريڪا پھنجي شھرين جي حقن جي تحفظ ۽ انساني حقن تي ڪنھن به قسم جو سودو نه ٿي ڪري . جڏھن اسان جھڙيون رياستون پھنجي شھرين جي آئيني حقن جي لتاڙ ڪندي ، کين پھنجي ملڪ ۾ غير  محفوظ ڪندي ،ھر وقت عدم تحفظ جي احساس ھيٺ رکن ٿيون . تنھن ڪري سندن سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا جو مرڪز يا محور ڪا خارجي رياست نه پر پھنجي ملڪ جون سياسي پارٽيون، انساني حقن جا علمبردار ۽ ھر اھو شھري رھي ٿو جيڪو جيڪو رياستي پاليسي تي سوال اٿاري ٿو. ڇاڪاڻ ته رياست جي طاقتو ادارن اھو مڃي ورتو آھي ته دشمن اندر آھي ٻاھر نه آھي .مطلب ملڪ جي اندروني صورتحال کي بھتر ڪرڻو آھي ، ملڪ م اندر جيڪي دھشتگردن جا ٺڪاڻا آھن، انھن جا سھلوتڪار آھن  انھن کي ختم ڪرڻو پوندو . تنھن ڪري ئي اپيڪس ڪميٽون ٺاھڻيون ويون. ھاڻي ٿيڻو تي ائين گھربو ھيو ته انھن ڪميٽين جي روشني ۾ سولين قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ، جئين پوليس ، ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ، پوليس انٽيليجينس ۽ انٽيليجينسپيڪس بيورو ۽ اھڙرن ٻين ادارن کي مظبوط ڪجي ھان ، جن جي تربيت ئي اھا آھي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏوھن جي روڪ ٿام ڪن . غير سولين ادرا سندن مدد ڪن ھان . ڇاڪاڻ ته عام شھرين جي پوليسنگ ڪرڻ ، شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ڏوھ روڪڻ، شھرين جو تحفظ ڪرڻ انھن ادارن جو ڪم آھي . فوج جي تربيت ته  جنگ دوران ملڪي سرحدن جي حفاظت لاء آھن ، انھن جي تربيت جنگي محاذ تي ملڪ جو دفاع ڪرڻو آھي . يا ملڪ اندر ڪنھن مخصوص علائقي ۾ منظم جنگ آھي تي ان کي منھن ڏيڻ پڻ انھن جو ڪم آھي. پر عام شھرين تي نظر رکڻ ، شھرن ۽ ٻھراڙي ۾ دھشتگردن يا ڏوھارين جي چرپر تي نظر رکڻ سولين ادران جو ڪم آھي.

ڏٺو وڃي ته اپيڪس ڪميٽي جي شروعاتي اجلاسن ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ کي مظبوط ڪرڻ ، ان لاء فنڊ وڌائڻ جون تجويزون ڏنيون ويون . ان ڊاپارٽمينٽ سنڌ اندر شاندار ڪم ڪندي مدرسن جي وڌندڙ ڄار ۽ انھن اندر جھادي ، جنگي مواد ۽ تربيت جي روڪٿام لاء سنڌ اسيمبلي ۾ ھڪ بل به ٺاھي موڪليو جيڪو گزريل چئين سالن کان منظور نه ڪيو ويو .پر  پوليس جي تربيت ، فنڊن لاء به ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا. جھن ڪري سويلين قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا نيشنل پلان تحت عام ڏوھن ، قبيلائي تڪرارن ، منشيات مافيا جي خاتمي ۾ گھڻي قدر ڪامياب نه ٿيا. ڪراچي کانسوائي باقي سنڌ ۾ نيشنل پلان آف ايڪشن تي ڪو جوڳو عمل نه ٿيو . جنھن ڪري شڪارپور کان سيوھڻ ۾ قلندر جي مزار تي بم حملا ٿيا . ان سان گڏ  اتر سنڌ قبيلائي تڪرارن ۾ سوين ماڻھو مارجي ويا آھن . گزريل سال ئي سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ ٻه سو کان وڌيڪ ماڻھون قبيلائي تڪرارن ۾ ماريا ويا ..اتي نيشنل پلان ھيٺ ڪوبه آپريشن نه ڪيو ويو . جڏھن ايم ڪيو ايم جھڙي منظم جماعت جنھن وٽ جھجھو جديد  ھٿيار ۽ پيسو ھو ،ان خلاف ڪامياب آپريشن ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي ٽن ضلعن کي چند قبيلائي سردارن کي ڇو ھٿ نه لاتو ويو. انھن ڪچي جي علائقن ۾ رڳو اغوا برائي تاوان جو قصو نه آھي پر اتي پيٽرول ،منشيات ، غير قانوني ھٿيارن  جي سمگلنگ به جام ٿئي ٿي ، ڌارڙيلن کي جديد جنگي ھٿيار پھچايو وڃي ٿو ، جيڪو عام مارڪيٽ ۾ موجود نه آھي ، اھو يا ته افغانستان مان اچي ٿو يا ملڪ اندر ان جا ذخيرا آھن. جڏھن افغان سرحد  تي سخت پھرو آھي، ته اھڙو ھٿيار پوري ملڪ ڪئين پھچي ٿو؟

ھڪ پر امن نوجوان کي تہ ھڪ فيس بڪ سٽيٽس رکڻ تي گم ڪيو وڄي ٿو ، جڏھن حقيقي ڏوھارين خلاف ڪوبه انٽيليجينس مطابق آپريشن ڇو نه ٿو ڪيو وڃي .  جڏھن ته سنڌ ۾ ا پيڪس ڪميٽي فيصلو ڪري ٿي قبيلائي جھيڙن جو نبيرو  اتان جي  سردارن  جي حوالي ڪيو وڃي، جن پھرين ئي انھن علائقن جي پھنجي پالتو ڌاڙيلن جي زريعي يرغمال ڪيو آھي. اپڪس ڪميٽي جو فرض تي  ھو جائزو وٺن  ته ڇو نيشنل پلان تي اتر سنڌ ۾ عمل درآمد نه ٿيو .قبيلائي جھيڙن جي ڪري سنڌ جي اترين ضلعن ، شڪارپور ، جيڪب آباد ، ڪشمور ، گھوٽڪي جي ٻھرڙاين وارن  علائقن  ۾ غربت جي  شرح پنجونجاھ سيڪڙو آھي، اڌ کان گھڻا ماڻھون غربت جي لڪير کان ھيٺ رھن ٿا. اتي اسڪول سالن کان بند آھن، تنھن ڪري ئي تعليم جي شرح ڏھ سيڪڙو به نه  آھي . اگر عورتن خلاف تشدد واقعن جو جائزو وٺجي تي پوري سنڌ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻا ڪارو ڪاري جا واقعا به انھن ضلعن ۾ ٿين ٿا. سوين عورتون ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون ، سنڱ چٽين ۾ ڏنيون وڃن ٿيون ، اغوا ٿين ٿيون . عورتن جو وڪرو به ان علائقي تمام گھڻو آھي . پنجن ھزارن ۾ عورت وڪرو ٿئي ٿي ، ننڌي عمر جون ڇوڪريون کپايون وڃن ٿيون ، اھو انھن جو ڪاروبار آھي. ھڪ خاندان کي ٽرڪ ڊرائيور ھڪ علائقي کان ٻئي تائين پھچايو ، ٽرڪ جي ڀاڙي ۾ ان خاندان ڏھن سالن جي ڇوڪري ڏني ،جيڪا ستن جائين تي کپائي وئي. اھڙيون سوين عورتون آھن جيڪي سردارن جي ڪوٽن ۾ قيد آھن. اميد اھا ھئي ته  جھموري حڪومتن جي دور ۾ سرداري نظام  ڪمزور ٿيڻ گھرجي ۽ اتي حڪومتي ادارا مظبوط ھجڻ گھرجن. پر ڪجھ ڏينھن پھرين شڪارپور جي ايس ايس پي جي رپورٽ پڌري ٿي ھئي ، جنھن ۾ ھن لکيو ھيو تي ڪئين تر جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڌاڙيلن جي پٺ ڀرائي ڪري ، پھنجي علائقي ڏھڪاء پيدا ڪري رھيا آھن. انھن ۾ ھڪ عورت ايم اين اي جو ذڪر ھيو ته ، شڪارپور جي رٽائر بيوروڪريٽ ايم پي جو به ذڪر ھو . جيڪي اعلي تعليم يافتہ طبقي مان آھن ،جن جو سرداري پس منظر به آھي پر آھي ڏوھارين جي پٺ ڀرائي ڪري ، انھن کي تحفظ ڏئي پھنجي طاقت کي وڌائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. جڏھن ته ٻه ھزار پندرھن ۾ ھڪ عالمي اداري پاران سنڌ جي اترين ضلعن ۾ مذھبي دھشتگردن جي پناھ تي  تحقيقاتي  رپوٽ ڀڌري ٿي ھئي . ان رپورٽ مطابق قبيلائي سردارن مخلتف فرقن جي سرپرستي ڪري اتي موجود مذھبي ماڻھن سان ڳٺ جوڙ ڪري مدرسن کي پڻ ھٿي وڌرائي آھي.

مھر قبيلن ديوبندي  مدرسن جي سرپرستيءَ ڪئي ته جتوئين وري شعين جي ، شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي حملو ان سلسلي جي ڪڙي آھي.ان پورٽ مطابق سنڌ جي پنجاب سان ملندڙ پٽي ۾ ٻہ ھزار ڏھن جي ٻوڏ کان پوء سوين نون مدرسن کلي ويا آھن. جڏھن پوري سنڌ ٻه ھزار پندرھن تائين سڀ کان گھڻا مدرسا جمعت علماءِ اسلام (فضل الرحمان ) کليا آھن ، جن جو تعداد چار ھزار آھي. ان رپورٽ کي چھ سال گزري ويا آھن ان کان پوء ڪيترا مدرسا کليا ، ان جو ڪو ڪاٿو نه آھي. پر سپر ھائي وي جي ٻھني پاسي ھوٽلن ۽ پيٽرول پمپن سان گڏ ڪيترائي مدرسا پڻ ٺھيا آھن. جيڪي مذھبي سياسي پارٽين سان سلهاڙيل آھن. ھڪ رائي اھا به آھي ته سنڌ جي قبيلائي علائقن ۾ روايتي سرداري نظام جون پاڙون بہ مدرسن ، وڏي پيماني تي موجود پختون سود خورن ۽ ٻين مقامي  غير سردار  اڳواڻ جي ڪري ڪمزور ٿي چڪيون آھن . سردارن جو ڪنٽرول به ختم ٿي چڪو جنھن ڪري تشدد ۽ ڏوھ ۾ اضافو ٿيو آھي. روايتي فيصلا ھاڻي مدرسن ۾ ٿين ٿا ۽ ماڻھن کي قرض به مدرسا وٺي ڏين ٿا ، جنھن ڪري اتي سردارن جو عمل دخل محدود ٿندو پيو وڃي. حڪومت غير سرڪاري ادارن پاران مائڪرو فنانس جھڙو قانوني پروگرام بند ڪيا ويا ، پر ماڻھن کي وياج تي پئسا ڏيندڙ گروھ ، فردن کي چوٽ ڏني وئي ته ھو ، پھنجي اجارادي لاء سود تي قرض ڏئي ماڻھن کي پھنجي سياسي ، فرقيواريت ، قبيلائي مقصدن لاء استعمال ڪن. سياسي طور تر جا سردار جيڪڏھن حڪومتي پارٽي ۾ ھوندا آھن تہ ھو پوليس ۽ مقامي آفيسر شاھي کي استعمال ڪري پھنجو تسلط قائم رکن ٿا. جڏھن تہ اقتدار کان ٻاھر ويٺل سردار ڌاڙيلن، ڏوھارين ۽ مقامي ماڻھن کي استعمال ڪري پھنجي سياسي پوزيشن ۽ وسيلن جو دفاع ڪن ٿا. گھڻي قدر ووٽرن کي ڊيڄارڻ ، پھنجي چڱ مڙسي جي دفاع ۾ به قبيلائي جھيڙا ڪريا وڃن ٿا. پر ھاڻي چيو وڃي ٿو ته ھاڻي سردار تر جي مولوي ، مدرسي جي سربراھ ۽ ٻين اھم طاقتن جو محتاج رھي ٿو .جيڪڏھن سرڪار اتي جھموري نظام جي پٽاندڙ ادران کي فعال ڪندي ، غير سياسي پوليس آفيسر مقرر ڪري ڪاروائي ڪري تي آھي چند کوکلا سردار رياست کان بچي نه سگھندا. پر سرڪار سياسي مصلحتن، پيٽي فائدن ۽ ٻين دٻائن  جي ڪري آھي علائقا ڄاڻي واڻي انھن ھٿ ٺوڪين سردارن ، مدرسن ، انتھاپسند قوتن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن . ھاڻي جڏھن اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ان ۾ بجاء جو اتي آپريشن ڪري امن قائم ڪيو وڃڻ جو فيصلو ورتو وڃي ھان ۽ انھن علائقن کي ھٿ ٺوڪين ڌاڙيلن کان پاڪ ڪري ، غير سياسي پوليس آفيسر لڳائي ، اتي موجود مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ ۽ ھٿيارن ،پيٽرول ، منشيات جي سمنگلنگ جھڙرن عملن جي خاتمي ڪرڻ جو اعلان ڪجي ھا. وري علائقن کي سردارن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جيڪو سنڌ جي انھن علائقن جي عوام کي انداھي دور ۾ ڌڪڻ جي برابر آھي.ان سان مرندڙ  سرداري نظام ۾ ساھ ڀرجي ويندو . آھي علائقي مستقبل جو افغانستان ٿي سگھن ٿا. جنھن ڪري سنڌ جي ساڃاهه وندن ، سياسي پارٽين ۽ عوام کي ان جي مخالفت ڪرڻ گھرجي . جڏھن تي حڪمران پارٽي پھنجي پيرن تي ڪھاڙي ھڻي رھي آھي.  پر سنڌ جي عام عوام کي حڪمران ڌر جي مفادن ۽ مصلحتن کان مٿاھون ٿي سنڌ جي بقا لاء آواز بلند ڪرڻ گھرجي . ھڪ طرف فاٽا مان قبيلائي نظام جو خاتمو آندو ويو آھي ته ٻئي طرف سنڌ کي دور جھالت ۾ ڌڪيو پيو وڃي. سنڌ کي مطالبو ڪرڻ گھرجي ته اترين علائقن مان نيشنل ايڪشن پلان مطابق ڌاڙيلن ، انھن جي پٺڀرائي ڪندڙن سردارن ، سياسي اڳواڻن ، پوليس آفيسرن ،خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي . اتي رياستي ء حڪومتي ادارا مظبوط ڪيا وڃن. جئين  سرداري نظام جو متبادل جھموري نظام جوڙي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو