سنڌ ۾ آمريت آهي، جيڪو پئسو ڏيون ٿا اهو ٻاهر وڃي ٿو،فواد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي، سنڌ کي جيڪو به پئسو ڏيون ٿا، اُهو دبئي، ڪئنيڊا يا لنڊن مان هٿ اچي ٿو، سنڌ حڪومت عوام تي پئسو خرچ نٿي ڪري، وفاق طرفان سنڌ کي ملندڙ پئسي جي نگراني ضروري آهي، ڪراچي پهتل وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا دسمن هتان جا ئي حڪمران آهن، پيپلز پارٽي آخري ڀيرو چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان پاڻ ليڊ ڪندو ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهيندي، بلاول چئي ٿو ته پنجاب پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي پاڻ چوري ڪن ٿا، ذميوار وري وفاق ۽ ارسا کي قرار ڏنو ويندو آهي، سنڌ ۾ عام ماڻهن کي پاڻي نٿو ملي، فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جي زمينن جو پاڻي چوري ڇو نٿو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو