سنڌ پوليس لاڪ ڊائون جي نالي تي پيسو ورتو،راشد سومرو

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد سومرو چيو آهي ته سنڌ پوليس لاڪ ڊائون جي نالي تي ايترو پيسو ورتو آهي جو اھي ظاھر ڪن ته ملڪ جو قرض لھي وڃي، لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته نئين تڪ بندين ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملي نگراني ۾ ڪرائي وڃي، سنڌ جي آفيسرن کان نه ڪرائي وڃي، هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ تي تنقيد ڪندڙ سنڌ جي وزيرن کان مطالبو آهي ته سنڌ ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ روٽي ڪپڙا ۽ گھر واري نعري تي عمل ڪري سئو سيڪڙو ملازمن جي پگھار وڌائي وڃي، ھارين کي رليف ڏنو وڃي هن چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، سنھري خواب ڏيکاري ھاڻي عوام کي چيو وڃي ٿو ته مرڻ کانپوءِ سڪون آهي، وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت سنڌ جي زمين کپائي رهي آهي جنهن سان بدامني وڌندي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قبيلائي تڪرار گهڻا آهن ، قبائلي جھيڙا ڪرائڻ وارا نواب سردار آهن، شڪارپور جي ايس ايس پي تي رپورٽ ڪرڻ بجاءِ نوابن سردارن کي بچائيندي پوليس آفيسرن جي بدلي ڪئي وئي. هن چيو آهي ته ايس ايس پي گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ طرفان رپورٽ جيڪا آءِ جي کي لکي وئي آهي اھا ظاھر ڪئي وڃي ته خبر پئجي ويندي ڪير ڪير ان جي پويان آهن، هن چيو ته ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون ۾زمين ڏيڻ جي شديد مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جي حڪومت خدمت لاءِ آهي کپائڻ لاءِ ناھي، هن چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ گندگي جا ڍير آهن، ڏينهن ڏٺي ڦرون، ماڻهو قتل پيا ٿين، پ پ بک بدحالي ڏني آهي، اسپتالن جي حالت خراب آهي، سنڌ ۾ 70 لک ٻار تعليم کان محروم آهن هن چيو آهي ته گڊو کان ٽنڊو الھيار تائين پاڻي ڪير پيو چوري ڪري، سکر شھر ۾ 350 فوٽ جر تي به پاڻي نه ٿو ملي، سڀ کان وڌيڪ پاڻي نوابشاھ ۾ملي ٿو، وفاق ۽ سنڌ حڪومت ٻئي چور برابر آهن، جي يو آءِ سنڌ حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي، 17 جون تي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ھيڊڪوارٽر ۾ جي يو آءِ سراپا احتجاج ڪيو ويندو، 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾ وڏو احتجاجي مظاھرو جلسو ڪيو ويندو جنهن ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ به شرڪت ڪندا ۽ آخري مرحلي ۾ گھوٽڪي کان ڪراچي تائين ريلي ڪڍي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو