سنڌ پاران ڪڻڪ جو اگهه 2 هزار ۽ ڪمند 202 روپيا في مڻ مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رُپيا في مڻ ۽ ڪمند جو اگهه 202 روپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير جي مشير مرتضيٰ وهاب بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪمند تي ڪوالٽي پريميئم 50 پئسا مقرر ڪرڻ جي به منظور ڏني وئي، شگر ملز ۾ ڪرشنگ سيزن شروع ڪرڻ لاءِ 30 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته اسان ٻاهران غير معياري ڪڻڪ گهرائڻ تي گهڻو خرچ ڪندا آهيون، پر مقامي آبادگارن کي سٺو اگهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون، سنڌ ڪابينا ڪلچرل هيريٽيج پرِيزروَيشن ايڪٽ جَي رولز جي به منظوري ڏئي ڇڏي، حيدرآباد ۾ سر ڪائوسجي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪَاٽرِي کي قديم ورثو قرار ڏيندي ان کي تحفظ ڏيڻ وارو بل به منظور ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪومت طرفان ڪڻڪ ۽ ڪمند جي آبادگارن جي وڌ کان وڌ مدد ڪئي ويندي، کنڊ جي اگهن ۾ تباهي وفاقي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي. هن چيو ته  سنڌ حڪومت زراعت کي هٿي وٺائڻ چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو