سنڌ پاران ٻيٽن جي اين او سي رد، وفاق سان الحاق غير آئيني قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نيٺ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ (بندل ۽ ڀنداڙ)ٻيٽ تي شهر اڏڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي جاري ڪيل اين او سي واپس وٺي ڇڏي، سيڪريٽري لينڊ اعجاز بلوچ جي صحيح سان 6 آڪٽوبر جي تاريخ تي وفاقي سرڪار ڏانهن نئون ليٽر جاري ڪيو آهي. ليٽر ۾ وفاق پاران پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي جي آرڊيننس کي هڪ طرفو ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جي حدن سان هٿ چراند ڪئي آهي. آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 172(2) جي کُليل نموني ڀڃڪڙي آهي.

Page-1 Sindh government letter to Federal Govt.

سنڌ حڪومت طرفان وفاقي سرڪار کان صدارتي آرڊيننس فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن ۽ انهن جو وفاق سان الحاق ڪرڻ آئين جي شق 239 (4) جي به خلاف ورزي آهي.ياد رهي ته وفاقي حڪومت 2 جولاءِ تي سنڌ حڪومت کي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ لاءِ خط لکيو هو ۽ سنڌ حڪومت 6 جولاءِ تي لکيل جوابي خط ۾ چيو هو ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ ٽرمز ۽ ڪنڊيشنز طئي ڪريو ۽ مقامي آبادي جي مفادن جو تحفظ ڪريو.

Page-2 Sindh govt letter to Federal govt.

جنهن بعد وفاقي حڪومت سنڌ سان ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ بدران هڪ طرفي طور پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ 2 سيپٽمبر تي چوري چوري آرڊيننس جاري ڪيو جيڪو هڪ مهيني بعد ميڊيا کي جاري ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي 6 جولاءِ واري خط بعد سنڌ ۾ حڪومت تي ڇتي تنقيد ٿي رهي هئي جنهن بعد گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي نئون خط جاري ڪيو ويو آهي. هي خط سنڌ جي وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ رشيد چنا ميڊيا کي جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو