سنڌ هاري ڪميٽي طرفان بحريا ٽائون خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان بحريا ٽائون جي خلاف احتجاجي جلوس مظاهرو ، ڌرڻو ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ بحريا ٽائون مان سنڌي وسندين کي ڊاهڻ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي طرفان مرڪزي اڳواڻ جبار باغي ، ستار بلوچ ، حسين آزاد ، رضا علي رند ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪري مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ، بحريا ٽائون ۾ متاثر ٿيل سنڌين کي واپس پنهنجي ڳوٺن ڏانهن آباد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو