سنڌ سرڪار پاران 27 ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر

لاڙڪاڻو(ڊ ر)سنڌ حڪومت پاران 27 ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. ڌاڙيلن جي سر جي قيمت 5 کان 30 لک رپين تائين مقرر ڪئي وئي آهي. ٻيلو تيغاڻي ڌاڙيل جي سر جي سڀ کان وڌيڪ 30 لک رپيا رقم رکي وئي آهي. لاڏو تيغاڻي جي سر جي قيمت 20 لک، ڌاڙيل واجد ۽ بدر ڏاهاڻي جي سر جي قيمت 10، 10 لک رپيا، ڏوهاري وشوءَ جي سر جي قيمت 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ڏوهارين کي زنده يا مرده هٿ ڪرڻ تي انعام ڏنو ويندو. ان کان علاوه ڏوهارين خادم ڀيو، مهيسر بنگلاڻي، عطا محمد چولياڻي جي گرفتاري لاءِ به انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو