سنڌ حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 آگسٽ تائين واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ هڪ مهيني تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، تعليمي ادارا، شادي هالز، تفريحي ماڳ، ٽرانسپورٽ ۽ مزارون وڌيڪ هڪ مهيني تائين بند رهندا. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 15 آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون برقرار رهندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارا، شادي هالز، ڪاروباري مرڪز، تفريح ماڳ، پارڪس، سينيما گهر بند رهندا، جڏهن ته مزارن تي 15 آگسٽ تائين ماڻهن جي وڃڻ جي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به 15 آگسٽ تائين بند هوندي، راندين جون سرگرميون وڌيڪ هڪ مهيني تائين معطل رهنديون. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب، ريسٽورنٽس کي رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو