سنڌ جي ٻيٽن جي وفاق سان الحاق بابت ڪابينه اجلاس طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ سڀني ميمبرن کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي بابت غور ڪيو ويندو ۽ اهم فيصلو متوقع آهي. ياد رهي ته پورٽ قاسم لڳ ٻن ٻيٽن بندال ۽ ڀنڊار کي صدر عارف علوي 2 سيپٽمبر تي جاري ڪيل آرڊيننس ذريعي وفاق جي ملڪيت قرار ڏئي پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪئي هئي جيڪا انهن ٻيٽن تي نئون شهر قائم ڪندي. صدارتي آرڊيننس ميديا کي هڪ مهيني بعد جاري ڪيو ويو. بلاول ڀٽو، سنڌ جا قومپرست وفاق جي ان فيصلي کي رد ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي. عوامي تحريڪ 3 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ تمام وڏو جلوس ڪڍي احتاج رڪارڊ ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو