سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سانا پاران احتجاج جو فيصلو

هيوسٽن (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي مذمت ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو فيصلو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. مرڪزي صدر محمد علي مهر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ خاص طور تي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي قبضي ۽ پاڪستان آئلينڊز اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف مرحليوار تحريڪ شروع ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سانا صدر چيو ته سنڌ ۾ ون يونٽ جهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. سنڌ جي زمينن تي قبضن کانپوءِ هاڻي سامونڊي پٽي ۽ ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ڏنگي ۽ ڀنڊار سميت سمورا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن. انهن تي ڪنهن به صورت ۾ وفاق جو قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. ڄامشوري کان ڪراچي، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي هزارين ايڪڙ زمينن تي ڪيل ناجائز قبضن خلاف پڻ سخت مزاحمت ڪئي ويندي. سنڌ اسان جو مادر وطن آهي ۽ سنڌ جي انچ انچ جا وارث صرف سنڌي آهن. ترقياتي منصوبن جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس دوران سنڌ ۽ آمريڪا ۾ گڏيل احتجاجي مهم جي مختلف رخن تي ڳالهايو ويو. جنهن کانپوءِ شروعاتي طور تي واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ آڏو آحتجاجي مظاهرو، آمريڪا ۾ ڪانگريس مين، سينيٽرز ۽ عالمي ميڊيا جي ادارن سان رابطا ۽ سنڌ ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اشتهار هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو