مختلف شهرن ۾ جهيڙا، ڌار ڌار واقعن ۾ 6 قتل30 زخمي

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي چئن ضلعن سکر، شڪارپور، نوشهروفيروز ۽ مٽياري جي 7 مختلف شهرن ۾ زمين جي تڪرار، ٻارن ۽ ٻڪرين جي ڳالهه، گهرو اڻبڻت ۽ معمولي معاملن تي ٿيل جهيڙن ۾ 6 ڄڻا قتل ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. شفيق مهر موجب شڪارپور جي جاڳڻ واري ڪچي جي علائقي ۾ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان گوليون هڻي 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيو. مارجي ويلن ۾  امداد معرفاڻي، پيارو معرفاڻي ۽ لياقت معرفاڻي شامل آهن. معرفاڻي برادري جي ممڻاڻي ۽ هوتڪاڻي پاڙن ۾ گذريل 4 سالن کان زميني تڪرار هلندڙ آهي ۽ هيستائين 10 حياتيون کسجي چڪيون آهن. نوشهرو فيروز مان مشتاق حسين مري موجب شهر جي هيٺائين چوڪ تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشه وچ ۾ ٽڪر جي معمولي ڳالهه تان راڄپر برادري جو سيد برادري جي ماڻھن مٿان حملو، ڏنڊن، لوهي سيخن ۽ سرن جو وسڪارو  سيد برادري جا 8 ڄڻا سيد عبدالستار، شڪيل شاھ،  شوڪت شاھ، اعظم شاھ، سونو شاھ، فرحان شاھ، سيد شفقت شاھ، نثار شاھ سخت زخمي ٿي پيا.

جن کي فوري طور سول اسپتال نوشھروفيروز داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ٽن زخمي سيد عبدالستار شاھ، سيد  شڪيل  شاھ ۽ سيد سونو شاھ  جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين نوابشاھ ريفر ڪيو ويو. مورو مان اياز سولنگي مطابق شھر جي سچل ڪالوني ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان نول برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڏنڊن سرن لتن مڪن جو آزادانا استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ٽن عورتن سميت ٻارنهن ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ شمن نول، عثمان نول، نصير نول، سيوو نول، صاحب، پيارعلي نول، گل حسن، قربان علي ۽ ٻيا شامل آھن.

اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي مورو اسپتال آندو پوليس اهڙي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. مورو ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪچي جي علائقي حسن جا ڀاڻ وٽ راڻو ماڇي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهرواري بچل ماڇي کي ڏنڊا، لتون ۽ مڪون هڻي رتو رت ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي حد جي لغاري ٿاڻي جي پوليس زخمي عورت کي مورو اسپتال آندو جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

آخري اطلاعن تائين قتل جي ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي هئي. قاتل جي مائٽن جو چوڻ آهي ته راڻي ماڇي جو دماغي توازن صحيح نه آھي. مٽياري مان رياض چانديو موجب ڳوٺ الهڏنو ساند ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ شخص 25 ساله حبيب الله گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاء يوسف ولد قادر بخش زخمي ٿي پيو. شاهپور درپور پوليس فوري واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي لاش ۽ زخمي کي مٽياري تعلقه اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو واضح رهي ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ عزيز ٻڌايون پيون وڃن. ڀريا روڊ مان مجيد ڪيريو موجب ڳوٺ عبدالرحيم ڪيريو ۾ فصل جي ڀيل جي معاملي تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 7 ڄڻا گلزار ، علي مراد، عرفان، علي شير، سرور ۽ پيرسن ماهي خان خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڳوٺاڻن ڀرياروڊ ٿاڻي تي ميڊيڪل ليٽر لاء آندو جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد زخمين کي ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي خاصخيلي برادري جي زخمي گلزار خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته زمين به اسان جي ۽ ٻڪريو ن به اسان جون هيون. واحد بخش خاصخيلي،  حاجي ستار، محمد جمن، اصغري مري، حاجي رب نواز ۽ ٻيا اسان جي زمين تي بيٺل ٻڪريون ڇوڙي ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي روڪڻ تي مري برادري جا ماڻهو ونگار ڪري اسان جي مٿان حملو ڪيو ۽ اسان جون 20  ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا. 

هنن چيو ته حملي آوار لاکاروڊ جا رهواسي آهن. هنن ٻڌايو ته اسان ڀرياروڊ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان اپيل ڪندي چيو ته جوابدارگرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. سکر مان جيرام داس موجب صالح پٽ لڳ ڳوٺ کاهي ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 35 ساله نوجوان نياز مهر سخت زخمي، صالح پٽ اسپتال ۾ ايمبولينس نه هجڻ ڪري زخمي تڙپندو رهيو، سکر اسپتال منقتل ٿيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، وارثن جو احتجاج،ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس موجب وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو