سنڌ جي محبتي ڪردار حاجي منور علي عباسي جو وڇوڙو

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

ڪجهه عرصي کان اسان وٽ سياست جا معيار بدقسمتيءَ سان ڏاڍا نامناسب ۽ نفرت آميز بڻجي ويا آهن، اڪثر سياستدانن سياست کي بزنس ڪاروبار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جو غريب عوام جي مسئلن سان لاتعلق بڻجڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي آهي، پنهنجي سنڌ ۾ ماڻهو بک، بيروزگاري، افلاس، تنگدستي، لوڊشيڊنگ، بجليءَ جي ڳرن بلن ۽ ٻين مسئلن ۾ مبتلا ٿي ذهني مريض بڻايا ويا آهن ماڻهن جون صلاحيتون ملڪ ڌرتيءَ جي بهتري لاءِ ڪم اچڻ گهرجن اهي مسئلن جي گهڻائي سبب پريشانيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، اهڙي ماحول ۾ سياست جي مينار ۾ بلندين کي پهچندڙ سياسي شخصيت جيڪا ڪنهن به تعارف جي محتاج ني انهي سياسي مدبر، سماجي شخصيت ورڪر ٽائپ اڳواڻ حاجي منور علي عباسي جي اسان کان وڇڙي وئي آهي پر انهي جون يادون لاڙڪاڻي واسين کي چٽي طرح ياد آهن ته هو پنهنجي لاڙڪاڻي شهر جي ماڻهن جي ڪهڙي طرح خدمت ڪندو رهيو ۽ ماڻهن جي ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندي خدمت خلق ۾ پوري زندگي گذاري ڇڏي،سنڌ جي سياست ۾ عباسي خاندان جو هڪ نمايان ڪردار رهيو آهي جنهن ۾ بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جو پاڪستان سطح جي سياست ۾ اهم رول رهيو ۽ سندس جي وڏي پٽ حاجي منور علي عباسي توڙي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي، تر جي مشهور زميندار حاجي خان محمد عباسي جي گهر ۾ 30 سيپٽمبر 1944ع ۾  منور علي عباسيءَ  جو لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلي ۾ جنم ٿيو، والده ڊاڪٽر اشرف عباسي ڊاڪٽري ۽ سياسي حوالي سان هڪ وڏي پائي جي قومي اڳواڻ هئي، منور علي عباسي پنهنجي والدهه ۽ مامي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي نقش قدم تي هلندي  سياست ۾ پير پاتو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو، حاجي منور علي عباسي وليد پرائمري اسڪول  ۾ چار درجا سنڌي پڙهيا وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شهر جي پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيو اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين بعد ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڏنائين. هو 1973ع ۾ ضلع لاڙڪاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو.

Photo by writer

،1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو، ساڳئي سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي تي بنا مقابلي چيئرمين ٿي ويو، 1980ع ۾ ضلع ڪوآرڊينيشن جو چيئرمين بڻيو، 1982ع ۾ ميونسپل ڪاميٽي جو جو چيئرمين چونڊجي ويو، 1988ع ۾ صوبائي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 1989ع ۾ سنڌ ڪابينه ۾ وزير ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن ويلفيئر ٿيو اڳتي هلي ساڳئي سال ۾ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو به مليو، 1997ع جي چونڊين ۾  به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو،سياست کي عبادت سمجهي ڪري جهڙي طرح سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان گذريل 50 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻ پتوڙيندي پنهنجي ووٽرن سان جهڙي طرح ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچن ٿا شايد ئي ڪو سياست ڪندڙ سياستدان هجي، پنهنجي سنڌ ۾ سياست جي ميدان ۾ ته کوڙ سارا هڪ کان هڪ وڏيرا، ڀوتار، نواب، مير وغيره سياست ڪندا پيا اچن پر جهڙي طرح سنڌ ۾ هن عباسي خاندان پنهنجي شرافت، عزت، ديانت، همدردانه ، فلاحي، سماجي ڪمن ڪارن ۾ پاڻ نڀائيندي زندگي گذاري آهي انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، هن خاندان جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنيادي فائونڊر ميمبرن ۾ نمايان خدمتون شامل آهن. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پيپلز پارٽيءَ کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ملڪان ملڪ مشهور ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو ته هن عباسي خاندان جي پڙهيل لکيل سنڌي عورت ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ صاحبه  کي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ،انهيءَ عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت انهيءَ دعوت کي قبول ڪندي بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي باقائدهه سياست ۾ پير پاتو ۽ اها  ملڪي تاريخ ۾ پهرين مسلمان سنڌي عورت هئي جيڪا قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر بڻي، جنهن کان پوءِ آمريتي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ هن خاندان کي شهيد ڀٽو جي قريبي تعلقاتن سبب عتاب جو نشانو بڻايو ويو، پوءِ آمر غاضب جي موت بعد سياسي هلچل تيز ٿي ۽ اهڙي طرح محترمه بينظير ڀٽو پوري پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اقتدار پيپلز پارٽي کي مليو ۽ عباسي خاندان جي شهيد ڀٽو وانگر سندس جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو سان به انتهائي قريبي پارٽي سياسي تعلقات رهيا، جنهن ڪري بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جا ٻئي پٽ حاجي منور علي عباسي ۽ سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پيپلز پارٽي جي سياسي هلچل ۾ نمايا رهيا جنهن سان گڏ ڊاڪٽر صفدر عباسي جي گهر واري ميڊم ناهيد خان ته اڳ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري هئي جيڪي پيپلز پارٽي جي اهم ترين ڪريم سمجها ويندا هيا لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلا جي عباسي خاندان جو  هميشه کان ملڪي، صوبائي ضلع لاڙڪاڻو جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، شروعاتي ڏينهن کان وٺي  سندن جو پ پ پ لاءِ لازم ملزوم ڪردار سمجهو ويندو هيو پر بدقسمتيءَ سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007 ع ۾ شهادت بعد سياسي ڦيرو ڦري ويو ۽ جيڪي ڪلهه تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اهم ترين ويجهو خاندان ۽ انهي جا فرد سمجها ويندا هيا اهي پ پ پ جا اصل سرمايو ۽ اثاثو ڪن ماڻهن جي نامناسب روين سبب عباسي خاندان پوئتي ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي طرح 2013ع ۾ پ پ پ کان عباسي خاندان مڪمل طور تي  ڪنارهه ڪشي ڪري لاڙڪاڻو ۾ عوامي اتحاد جوڙي ورتو.

Photo by writer

جنهن ۾ حاجي منور علي عباسي کي ڪنوينر چونڊيو ويو، جنهن ۾ پ پ پ مخالف پارٽين تنظيمن جماعتن هڪ فولادي ديوار جهڙو ڪردار ادا ڪري اقتداري پارٽي کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ جتي پنجن سالن ۾ اليڪشن ۾ حصو ورتو ويندو آهي اتي عباسي خاندان کي ٿڪائڻ لاءِ بار بار سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن ڪرائي وئي پر ٻئي دفعا حاجي منور علي عباسيءَ جو پٽ معظم علي عباسي وڏي اڪثريت سان پوري حڪومتي مشنري ۽ سڄي سنڌ جي ڀوتارن کي بري طرح شڪست ڏيئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي جان سمجهي ويندڙ عباسي فيملي ۽ انهي جا بهادر اثاثه حاجي منور علي عباسي توڙي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ معظم علي، ڪاظم علي، اويس عباسي اهي فرد آهن جيڪي پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي سياست کي عبادت سمجهي ڪندا رهن ٿا، جڏهن به ڪو به پ پ پ جي قائدين جو ڏهاڙو هجي ته عباسي خاندان پنهنجي وليد هائوس ۾ وڏي شان شوڪت سان اهو ڏينهن ضروري ملهائيندي نظر ايندا. انهن وٽ رڳو اهي 21 جون، 27 ڊسمبر، 5 جنوري، 4 اپريل، 5 جولاءِ جا ڏهاڙا ئي نٿا ملهايا وڃن پر اهي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي ٽوپي اجرڪ، مچ ڪچهري، مفت اکين جي 3 روزه ڪئمپ لڳائڻ، ٻوڏ آئي تي انهن جي متاثرين جي مدد ڪرڻ ۽ هاڻي ڪرونا ۾ متاثر ٿيندڙ مزدورن، پورهيتن جي بنا ڪنهن فرق جي در در وڃي مدد ڪرڻ سميت  اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين غريب علائقي جا شاگرد درسي ڪتابن، فيس جي سلسلي ۾ پريشاني جي عالم ۾ منجهيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ، شهر لاڙڪاڻي ۾ نه صرف عباسي ڪلهوڙا پنهنجي برادري جي ماڻهن جي غمي خوشيءَ جي موقعن تي نظر ايندڙ شخصيت حاجي منور علي عباسي ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي، سنڌ جي شاعرن اديبن جي ڪتابن کي پنهنجي طرفان شايع ڪرائڻ ۽ عباسي ڪلهوڙا تاريخي ڪتاب ڇپرائڻ وري انهن عظيم سنڌ جي سورمن جا ڏهاڙا ملهائڻ سندن جي اهم مشغولي هوندي هئي. هو هڪ سچو پڪو عاشق رسول هيو، پنج ڀيرا اليڪشن ۾ صوبائي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ چار وزارتون حاجي منور علي عباسي کي ملڻ باوجود ڪا به وڏائي نه هوندي هيس هو هرهڪ جو فون اٽينڊ ڪندو هو ۽ هرهڪ برادري قبيلن جا تڪرار نبيريندو رهندو هو، هو مديني واري سائين صلي الله عليه وسلم جي جشن عيد ميلاد النبي جي ربيع الاول مهيني ۾ پنهنجي پوري علائقي کي چراغان روشن ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ نعت خوانن ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري روحاني غذا حاصل ڪندو هو، هو مسجدون تعمير ڪرائڻ توڙي خير خيرات ۾ اڳرو هوندو هيو، پير صاحبان جو انتهائي احترام ڪندڙ جنهن ۾ هو ملڪ جي ناليواري مشهور درگاهه حضرت پير مٺا سائين رح رحمت پور لاڙڪاڻو، درگاهه حسين آباد قمبر ۾ قبله سيد غلام حسين شاهه بخاري، درگاهه مشوري شريف ، درگاهه ديهه سوهو خيرپور ميرس  سميت ٻين درگاهن تي وڏي عقيدت سان حاضري ڀريندو هيو، تنهن ڪري سنڌ سميت لاڙڪاڻي جا عالم، حافظ، قاري حضرات ۽ مفتي سڳورا سندس جي وڇوڙي کي هڪ وڏو خال قرار ڏنو آهي ۽ مرحوم جي درجات جي بلنديءَ لاءِ قرآن خواني دعائون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، هو هر سال وڏي يارهين شريف تي  سنڌ جي مشهور درگاهه ديهه سوهو خيرپور ميرس ۾ حضرت قبله پير سيد محمد عاشق علي شاهه جيلاني قادري جن وٽ پابنديءَ سان ويندا رهيا ۽ اتي سڄي رات هلندڙ روحاني پروگرام ۾ ننڊ آرام اچڻ باوجود آرام ننڊ نه ڪندا ۽ رات سومهڻي کان فجر نماز تائين اهو پروگرام ڏسندا رهندا هيا جتي پوري ملڪ کان لکين عاشقان رسول شريڪ ٿيندا آهن.انهن بزرگن جي اولاد سيد محمد عبدالقادر شاهه جيلاني قادري جنازي نماز پڙهائي، حاجي منور علي عباسيءَ ۾ نماز جي پابندي نيڪ ڪم ڪار فلاحي ادارا کولڻ سندن جي اهم مصروفيت هوندي هئي.حاجي منور علي عباسي پنهنجي وليد هائوس ڀرسان عرب سرڪار رح جي قبرستان لاءِ پنهنجي پٽ معظم علي عباسي کي چيو ته ابا 10 جريب پلاٽ زمين قبرستان کي ڏيان ٿو انهي کي چوديوار لڳائي ڇڏ، جڏهن ته 15 جريب کان وڌيڪ قبرستان کي اڳ ۾ پلاٽ مليل آهي. مرحوم حاجي منور علي عباسي جو چوڻ هيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ قبرستانن ۾ جاءِ ناهي قبرستان ڀرجي ويا آهن انهي ڪري ڀلي جو ڪيترو به پلاٽ مهانگو هجي پر 10 جريب پلاٽ قبرستان کي ڏيڻو آهي جيئن غريب امير هرهڪ ماڻهو مري وڃڻ بعد آرام سان دفن ته ٿي سگهي. انهيءَ ڪيترن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون هيون جيڪي مرحوم جي وڇوڙي تي تي زوارو قطار روئيندا رهيا ۽ انهي جي مهربانين ڀلاين کي ياد ڪندي روئيندي چوندا ڏٺا ويا ته ابا اسان کي اڪيلو ٿو ڇڏي وڃين، اهڙي طرح هرهڪ اک روئڻهارڪي نظر آئي، اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي پنهنجي وڏي ڀاءَ حاجي منور علي عباسي جي وڇوڙي کي پاڻ لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو ۽ چيو ته حاجي صاحب مونکي پنهنجي اولاد معظم علي ۽ ڪاظم علي وانگر سمجهندو هيو انهي جي هڪ شفيق والد وانگر محبت محسوس ٿيندي هئي، ڪڏهن به انهي سياست جي ميدان ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ هر وقت عوام جي ڏک درد ۾ بيٺي نظر آيو. انهي جو وڇوڙو هڪ سياست ۾ خال پيدا ڪري ويو آهي شايد ئي وري ڪو اهڙو ماڻهو لاڙڪاڻي جي سياست ۾ اچي پر اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. حاجي منور علي عباسي، عباسي ڪلهوڙا برادري ۾ عوامي فلاحي تيز سرگرميون ڪندو رهيو جنهن ڪري پوري ملڪ جا عباسي ڪلهوڙا ڊاڪٽر شفقت علي عباسي ۽ حاجي منور علي عباسي کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهن ٿا ۽ انهن ٻنهي تي فخر محسوس ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته هو ايڏي وڏي پائي جو سياسي ليڊر وڏي ڪليبر جو ماڻهو هميشه سادگي پسند رهيو بغير ڪنهن پروٽوڪول بغير ڪنهن هٿياربند گارڊ جي گهمندو رهندو هيو هو فقير درويش الله لوڪ سياستدان هيو، انهي جي سياسي قد ڪاٺ جي اونچائي وڏي بلند هئي پر هو جهڙي نموني سان پنهنجي زندگي گذاري ويو انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، سندس جي سياسي شخصيت کي ڊاڪٽر اختر علي عباسي روئيندي چوي ٿو ته اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙو سياسي اڳواڻ ليڊر نٿو ملي سگهي هو سياست کي عبادت ڪري عوام جي ڪارخير وارن ڪمن ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ ڀرپور حصو وٺندو هيو. انهي سلسلي ۾ انجمن اتحاديه عباسيه جي چيئرمين ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي چيو ته حاجي منور علي عباسيءَ سان پراڻي شناسائي آهي، آمريت جي دور ۾ حاجي منور علي عباسي صاحب ۽ مان سکر جيل ۾ باندي بڻيل رهياسين جتي ٻه ٽي مهينا مان هيس ۽ اتي حاجي صاحب سان خوب ملاقاتون ٿيون، حاجي صاحب اسان کي سينئر آهي اسان انهي کي هميشه عباسي جيئن طبعيت ۾ ماٺيڻا آهيون ائين انهيءَ کي انتهائي شريف النفس طبعيت وارو، بهادر، تڪبر وڏائي نه ڪندڙ، سادگي پسند ۽ مٺڙي مزاج جو مالڪ ڏٺوسين، هن عباسي خاندان جون ملڪ جي سياست ۾ وڏين قربانيون شامل آهن، جيئن محترمه  ڊاڪٽر اشرف عباسي صاحبه ۽ انهي جي ٻنهي فرزندن حاجي منور علي عباسي توڙي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ وڏو ڪردار آهي، اسان جي دعا  آهي ته الله تعاليٰ مرحوم حاجي منور علي عباسيءَ کي بلند درجات عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين.جڏهن ته مخدوم نديم احمد هاشمي کهڙا شريف واري بزرگ چيو ته سنڌ ۾ حاجي منور علي عباسي جهڙو نيڪ نيت مخلص پر اعتماد سياستدان نه ڏٺو ويو هو وڏي پائي جو سياستدان هيو سندس جي سياست ۾ عوامي فلاحي جا ڪم ڪم نمايان نظر ايندا رهيا جنهن ڪري هو هر دلعزيز شخصيت طور پوري سنڌ ۾ هڪ الڳ جڳهه ولاريندڙ سياسي اڳواڻ هيو، اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ سندس جا درجات بلند ڪري ۽ پونئرن کي الله پاڪ صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين، حاجي منور علي عباسي 26 جون جمعي ڏهاڙي رات جو 8 وڳي ساهه جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ رضاءِ الاهيءَ سان وفات ڪري ويو، جنهن کي 27 جون ڇنڇر ڏهاڙي تي اباڻي قبرستان ۾ ڪامل ولي بزرگ عرب سرڪار رح جي پيرانديءَ ۾ دفنايو ويو، هو مسلسل 76 سال پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندو رهيو آخرڪار الله جي رضا تي راضي رهڻو آهي ۽ هر ساهواري کي اهو موت برحق اچڻو آهي پر جنهن لاءِ پويان نيڪي ڀلائي ڳائي وڃي اهو وڏو خوشنصيب ۽ ڀاڳن وارو آهي، انهيءَ جي لاءِ هرهڪ ٻانهي جي زبان تان سٺو، ڀلو، چڱو، خدا ترس وارا لفظ حقيقت ۾ مرحوم جي لاءِ قبر و آخرت جو انمول ثمر آهن، جيڪي ڪنهن ڪنهن کي نصيب ۾ ملندا آهن. جڏهن هر زبان تان اهڙا  لفظ نڪرن ته سمجهو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ انهيءَ جي دنيا ۾ ڪيل نيڪي مقبول ٿي وئي.

                             ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

                          ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي .

                                                                       ( شاهه لطيف)   

پهنجو تبصرو موڪليو