سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ جنسي زيادتين جا واقعا

ليکڪ   زبير احمد ڪلوڙ

ڪڏهن اسڪولن اندر نياڻين کي حراسان ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن انسانن جي روپ ۾ لڪيل بگهڙن  پاران زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري تعليمي درس گاھن مان نياڻين جا لاش ملن ٿا ته ڪڏهن وري بليڪ ميل ٿي ڪري نوجوان نياڻيون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون، سنڌ اندر نياڻين کي اسڪولن ۾ حراسان ڪرڻ وارو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي زينب ۽ عليشا کانپوءِ ھڪ ٻي ڪشمور جي نياڻي وحشين جي ھٿ چڙهي وئي، ڪشمور ھڪ ٻي سانحي ٿيڻ کان بچي ويو، تازو ھڪ واقعو ڪشمور جي ھڪ نجي اسڪول ۾ پيش آيو جتي معصوم 11 سالن جي نياڻي کي ھڪ درندو صفت استاد بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو، ۽ معصوم نياڻي درندي جو نشانو بڻجندي رھي، ڪشمور جي نجي انڊس پبلڪ اسڪول جي استاد طيب ملڪ ساڳئي ئي اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 11 سالن جي نياڻي فاطمه کي گذريل ڇهن مهينن کان وٺي دوستي لاءِ پنهنجي موبائل ذريعي بليڪ ميل ڪندو رهيو، دوستي نه ڪرڻ تي کيس فوٽو فيس بڪ تي وائرل جي ڌمڪي ڏئي ٻارڙي  کي بليڪ ميل ڪري معصوم نياڻي هٿان گهر ڀاتين کي ماني ۾ نشو ڏياري ملڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ننڍي ٻارڙن کي نشو اچڻ ڪري طبيعت تمام خراب ٿي وئي جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو بعد ۾ والدين پاران ٻارڙي کان سختي سان پڇا ڳاڇا ڪئي ته سندس نينگري هن سب حقيقت پنهنجي گھر ڀاتين کي ٻڌائي ڇڏي، جنهن بعد وارثن پاران ڪشمور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار استاد طيب ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو، اتي وري پوليس جو ڊرامو شروع ٿي ويو ۽ پوليس جي عيد ٿي وئي معصوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران نينگري جي وارثن کان رشوت گھرڻ لڳا ۽ جوابدار طيب ملڪ کي ٿاڻي اندر مهمان وانگر ويهاري ڇڏيو ۽ جنهن موبائيل ذريعي ٻارڙي کي جنسي حراسان ڪري رهيو هو اها موبائل ريڪور نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، 

پوليس کي گھرجي ھا ته ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ھا ۽ ان واقعي ۾ جيڪو به ملوث آهي ان سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ھا پر ائين نه ٿيو ان جي اڀتڙ ٿيو متاثر نينگري جي وارثن کي پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي روز ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائڻ لڳي، پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل نه ڪيو پر ويتر معصوم نينگري جي وارثن کي حراسان ڪرڻ لڳي ۽ راڄوڻي ڪرڻ تي زور ڀريندي رھي ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او منظور لغاري وحشي طيب جي وارثن کان ڳري رشوت وٺي ونگار وھڻ لڳو جڏهن ته معصوم نينگري جا گھر ڀاتي نشي جي حالت ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ھئا مگر هن ٽائيم تائين ميڊيڪل ليٽر نه ڏنو ويو آهي اڄ واقعي کي ست ڏينهن کان وڌيڪ گذري ويا آهن مگر ڪشمور پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران وڏيرن جي ونگار وهندي جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي سوشل ميڊيا تي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پوسٽون رکندڙ سوشل ورڪرن ۽ صحافين کي استاد جي واٺن جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن ۽ پوسٽون ڊليٽ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي،ڇا عليشا ۽ زينب وانگر فاطمه کي انصاف ملندو، ڇا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پھچندو، ڇا نجي تعليمي ادارن جا مالڪ اھڙن اوباش لوفرن کي پنهنجي اسڪولن ۾ جاءِ ڏيڻ بند ڪندا ڇا پيغمبري پيشي جي حفاظت ٿيندي اھي سڀ سوال آھن جن جو جواب تڏهن ملندو جڏهن فاطمه کي انصاف ملندو جڏهن اسڪولن اندر اھڙن استادن کي ڀرتي ڪرڻ بند ڪيو ويندو جڏهن پيغمبري پيشي کي اھا مان عزت رتبو ڏنو ويندو،

ڪشمور واسين به اھو مطالبو ڪيو آهي ته فاطمه کي انصاف ڏنو وڃي تعليمي درس گاھن ۾ نياڻين کي مرد استاد پڙھائڻ بدران عورت ليڊي ٽيچر رکيون وڃن ته جيئن اسان جي معاشري ۾ سڌارو اچي سگهي ۽ معصوم نياڻين جون زندگيون تباه ٿيڻ کان بچي سگهن، 

ان واقعي تي وزير اعلي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، آئي جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، ھيومن رائيٽس وارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها چائلڊ پروٽيڪشن وارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، پر افسوس ڪنھن به سنڌ جي نياڻي لاءِ نوٽيس وٺي آواز اٿارڻ جي زحمت تڪ نه ڪئي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اھڙن وحشي صفت درندن خلاف سخت قانون جوڙيو وڃي ته جيئن اھڙن ڪڌو ڪم ڪندڙن کي وقت سر عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اھڙو قدم ڪو ٻيو نه کڻي، ھاڻي ڏسڻو ھي آھي ته  عليشا سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدار رفيق ملڪ ته پنهنجي منتقي انجام تائين پھتو ھو ڇا طيب ملڪ کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو،

اگر فاطمہ کي انصاف نہ مليو ته پوءِ ڪشمور جي نياڻي جي تعليم تباه ٿي ويندي ۽ ڪو به نياڻي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گھران ڪونه نڪرندي ۽ نه ئي پرھڻ لاءِ تيار ھوندي ڪو به والدين پنهنجي نياڻين کي گھران ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو ۽ ڪشمور يتيم ٿي ويندو،۽ نياڻين جي تعليم متاثر ٿي ويندي، جيڪو شعور ڪشمور جي عوام ۾ آيل آهي اھو ختم ٿي ويندو، خدارا اٿو پنهنجون اکيون کوليو نياڻين جون زندگيون بچايو،پنهنجي نياڻين جون زندگيون دائو تي نه لڳايو، اڄ ھڪ فاطمه سان ٿيو آهي سڀاڻي اوهان جي نياڻي سان به ٿي سگهي ٿو،اوهان جي فاطمه سان به ٿي سگهي ٿو، اگر اسين سڄاڳ نه ٿياسين ته سڀاڻي ڪا ٻي فاطمه گدڙن جي ھٿ چڙهي ويندي پوءِ اسين ھٿ تي ھٿ رکي ويھي تماشو ڏسنداسين تماشائي نه ٿيو معاشري جو تماشو نه ڏسو دنيا وڃي ڪٿي پھتي آهي دنيا ترقي پئي ڪري پر اسين ان وحشين مان ٻاهر اڃان نه  نڪري سگهيا آهيون

ان واقعي تي استادن کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيغمبري پيشي جي حفاظت ڪن، پيغمبري پيشي ۾ لڪل گدڙن کي ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ائين نه ٿي جيڪا استاد کي عزت ۽ مان مرتبو ڏنو ويندو آهي اھو سلسلو ختم ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو