سنڌ جو ارڏو ڪردار باباء سنڌ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ليکڪ ڪامريڊ سنڌو چانڊيو

لوئي فرست نيومن ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي ته جڏهن مان خدا جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ ڪليسا جي آخري چوٽيءَ تي چڙهي ويس ته خدا آواز ڏنو ته اي انسان! تون ٻيهر هيٺ لهي وڃ ڇوجو مان انسانن منجهه ئي رهندو آهيان.  وري جڏهن ساڳي ڳالهه پيغمبر پاڪ کان پڇي وئي ته دنيا ۾ بهترين عباد ڪهڙي آهي ته پاڻ انسانذات جي خدمت کي وڏي ۾ وڏي عبادت قرار ڏنائون ۽ جڏهن لطيف جو وارو آيو ته ان انسان جي خدمت کي “پرينءَ جو پسڻ” قرار ڏنو اهڙي طرح جڏهن موجوده صديءَ جي عظيم فلاسافر جڃن، پاک، سارتر “وجوديت” جي سڀني پهلوئن کي پر ڪيو ۽ ان جي انتها تي پهتو ته هڪ وڏي نُڪتي جو اضافو ڪيائين. “Man cannot pass beyond the human subjectivity”. ’انسان، انساني داخليت کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي‘ ايتري قدر جو مذهب به انهن کي نتو روڪي سگهي! توڻي جو عبادت مهل هڪٻئي کان ڌار هجن پر پورهيي وقت وري به هڪٻئي سان گڏ هوندا. ڄاڻايل سموريون ڳالهيون جڏهن سنڌ ڌرتي جي باباءِ سنڌ ڪامريڊ جتوئيءَ ۾ ڏنيون ويون ته پاڻ هڪ وراڻي ۾ محبت، عبادت ۽ حب الوطني کي هينئن اظهاريائين.

ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان، پنهنجو آ هي ايمان

پنهنجو آ هي اسلام،  جيئي سنڌ جيئي سنڌ

انسان سڀئي انهيءَ ڳالهه کان چڱيءَ طرح واقف آهيون ته اسان جا سياستدان ڪيتري سياست سکي سگهيا. ٻيو ته پري جي ڳالهه رهي پر ٺهيل ٺڪيل سياست جيڪا ٻي دنيا ۾ پيدا ٿي، هتي پهتي ان جو ئي استعمال ڪندا رهيا. پر باباءِ  سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اهو سياستدا هو، جنهن جيڪڏهن ڪئي ته صحيح سياست ڪئي. قلندر لڪياري سنڌي سياست کي ڪو نالو نه ڏيندي ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي ته “ڪميونزم جي تحريڪ جيڪا ابري ته سرمائيداري (capitalism) خلاف، پر ان جو اسان وٽ غلط استعمال اهو ٿيو ته ان کي مذهب جي خلاف استعمال ڪيو ويو”.

مان پوري يقين سان ٿو چوان ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪڏهن ڪميونسٽ هيو ته صرف سرمائيدار ۽ سرمائيداري خلاف ڇوجو ڪامريڊ سياست جي سمورن محرڪن کان چڱي طرح واقف هيو ۽ انهن کي انهن جي پنهنجي جاءِ تي استعمال ڪيائين. ڇوجو ڪامريڊ کان ان وقت جي غريب طبقي جي حالت ڏٺي نه ٿي وئي، جو هتي به انگلينڊ جي وڪٽورين دور (Victorian age) جا اثر هئا. جنهن ۾ امير صفا امير ٿي ٿي ويا ۽ غريب صفا غريب، جنهن جي آگاهي اسان کي ڪارل مارڪس جي ڪتاب “ماضي” ۽ خال “(Past & Present) مان ٿئي ٿي، يقينن ان وقت جي سنڌ جي حالت اهائي هئي، جنهن ۾ ميمنزم ۽ ڊائليٽنٽلزم (Mammonism & Delletantalism) جاڪردار هتان جو حڪمران ۽ سرمائيدار يا جنهن کي پاڻ وڏيرو به چئون، ادا ڪري رهيا هئا، ڪامريڊ جتوئي اهڙين افسوسناڪ ۽ رحمناڪ حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ قول، فعل ۽ عمل سان گڏوگڏ ترقي پسندي کي مزاحمت ۾ آڻيندي اهو نعرو هنيو ته، “خان اجهو ٿو کٽون واڻي

اڄ يا سڀاڻي.” يا جيڪو کيڙي سو کائي” ۽ واقعي ان رجحان جو خاتمو اهڙي طرح آندائين جو اهو چڪر رهيو ئي ڪونه جنهن لاءِ سرڪش سنڌي چيو:

ڪنهن چلهه تي باهه نه ٻري آ اجهو ٻيو ڏينهن لاڪر،

ڪنهن ڪوفتا پئي هاريا جو منجهن وار پيو آ.

ڪامريڊ جتوئي اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ڪيو جو پاڻ انسان دوست هو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ان جي ٿڃ مان پنهنجي اوسر ورتي هئائين، تنهن ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ انسان ذات جي خاطر سر تريءَ تي رکي رات کي به ڏينهن سمجهي حالتن کي تبديل ڪيائين ۽ پنهنجي وقت جي ڏتڙيل انسان کي آٿت ڏيندي آزاديءَ جون عيدمبارڪون ڏنائين ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سنڌ جي هاريءَ ۽ مزدور جي معاشي حالت ۾ سڌارو اچڻ لڳو ۽ باباءِ سنڌ “اشتراڪتي” نظريي سان پنهنجي مڪتب فڪر کي به اڳتي آندو. توڻي جو ان وقت جا اسان جا سنڌي سياستدان ڪامريڊ خلاف جهڙيون ڏيندا رهيا تڏهن به ڪارمريڊ جي فڪر کي ٽوڙي نه سگهيا، ايتري قدر جو پاڻ متنازڪ ٿي بيهي رهيا، ڪامريڊ جي ڪنهن پراڻي ورڪر ٻڌايو ته جڏهن ڪامريڊ جتوئيءَ کي اسين اهو ٻڌائيندا هئاسين ته ڪامريڊ فلاڻا فلاڻا سياستدان توهان جي خلاف پروپيگنڊا ٿا ڪن، ته ڪامريڊ کلي چوندو هو “بابا! جنهن جو جيڪو ڪم هوندو اهو ماڻهو اهوئي ڪم ڪندو.  “جو وڙ جڙي جن سين سروڙ سيئي ڪن”

توهان ان فڪر کي وٺو جنهن جو واسطو اسان سان آهي” ڪامريڊ جي پنهنجي خلق سان خدمت جي سچائي کيس ان حد تي کڻي وئي جو توڻي جو سندس مخالف همعصر سياستدان حسد وچان، سنڌي نصابي ڪتابن ۾ موجود سبق “حيدربخش جتوئي” ڪڍرائي ڇڏيا تڏهن به ڪامريڊ جي مڃتا ۾ ڪا لچڪ نه آئي آ. ڇو جو سندس مخالف دوست کي شايد اها خبر نه هئي ته ڪامريڊ ڪاغزن تي نه پر عوامي ذهن تي اڪريل آهي جنهن کي ميٽائڻ نا ممڪن عمل آهي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ کي درياءَ جا رک به نه موڙي سگهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ روشن سج آهي جنهن کي پنهنجي منهن کي هٿ ڏئي نه ٿو لڪائي سگهجي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هميشه تاريخ جي ورڪن ۾ زنده رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو