سنڌ جون حالتون خراب آهن، ڪٿي ريپ ته ڪٿي ايڊز ۽ ٻار پيا مرن، گورنر

بلڙي شاھ ڪريم(ذوالقرنين لنڊ) سنڌ جي گورنرعمران اسماعيل بلڙي شاھ ڪريم ويجهو سعيد پور ٽڪر پهچي پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ سيدذوالفقار علي شاھ پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو دريا ۾ ھن وقت پاڻي آھي پر اھو مخصوص علائقن تائين نٿو پھچي، انهن علائقن ۾ گھوٽڪي، سجاول، ٺٽو ۽ بدين شامل آھن، گورنر سنڌ چيو ته پوري سنڌ جون حالتون خراب آهن، ڪٿي ايڊز آھي ڪٿي ٻار پيا مرن ڪٿي ريپ پيا ٿين. ھن چيو ته ھو وزير اعظم جي خواھش تي سنڌ جي دوري تي نڪتو آھي ته جيئن سمورن معاملن کي ڏسي جيڪو پيڪيج وزير اعظم سنڌ لاء مختص ڪيو آھي ان جو استعمال عوام تائين پهچايو وڃي. گورنر چيو ته سنڌ جو عوام تڪليفن ۾ آھي ان سلسلي ۾ ھو پوري سنڌ جي ھر ضلعي جو دورو ڪري رھيو آھي ان کان پھرين گورنر سنڌ کي سيد سائين ذوالفقار علي شاھ جي قيادت ۾ ھڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ سادات ھاوس آندو ويو جتي سيد ذوالفقار علي شاھ گورنر سنڌ کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو