سنڌ بلوچستان سرحد تان 160 ڪلو چرس هٿ ملزم گرفتار

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي جي سخت هدايتن کانپوءِ مولاداد پوليس سنڌ ۽ بلوچستان دنگ تي ڪاروائي ڪندي ڪوئيٽا کان حيدر آباد ويندڙ هڪ ڊاٽسن کي روڪي تلاشي ورتي ته ان مان 160 ڪلو چرس هٿ ڪيو آيو. پوليس چرس کڻي ويندڙ اسمگلر بلوچستان جي بالان شاخ جو رهواسي الله ڏنو ولد گل حسن رند کي گرفتار ڪري ور تو آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪب آباد پوليس اسمگلرن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪوبه اسمگلر پوليس کان بچي نه سگهندو هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مک رستن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن مولاداد ٿاڻي تي گرفتار جوابدار الله ڏنو  رند خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو