سنڌ بئنڪ جو صدر ٻن ساٿين سميت نيب هٿان گرفتار

ڪراچي(دريا خان شر) نيب ڪراچي سنڌ بئنڪ جي صدر ۽ ٻن بين سينئر آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو. جعلي اڪائونٽ ڪيس م جاچ لاءِ چيئرمين نيب جي منظوري بعد کين گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيندڙن ۾ سنڌ بئنڪ جو صدر طاهر احسن، ايگزيڪٽو نائب صدر سيد نديم الطاف ۽ بئنڪ جو اڳوڻو صدر ۽ موجوده ڊائريڪٽر بلال شيخ شامل آهن. نيب موجب سندن راهداري رمانڊ وٺڻ بعد کين اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

سنڌ بئنڪ جو صدر ٻن ساٿين سميت نيب هٿان گرفتار” هڪ تبصرو

  1. طالب حسين چانڊيو سينيئر نائب صدر نيشنل پريس ڪلب واره says:

    تمام زبردست اخبار

پهنجو تبصرو موڪليو