سنڌ ايڪشن ڪميٽي بحريه ٽائون خلاف قراردادون پيش ڪري ڇڏيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ايڪشن ڪميٽي پنهنجي قراردن ۾ چيو آهي ته اڄوڪو هي احتجاجي اجتماع سنڌ حڪومت جي خلاف عوامي ريفرنڊم آهي ۽ هي عوام گهر ٿو ڪري ته سنڌ حڪومت، سنڌ جي زمينن ۽ قومي مفادن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي سرڪار کي فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي. 1.هي احتجاجي ميڙ گهر ٿو ڪري ته بحريه ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور تي سنڌ جي زمين ڏيڻ واري عمل خلاف سپريم ڪورٽ جي 4 مئي 2018 واري ڏنل فيصلي تي جيئن تو تيئين عمل ڪيو وڃي. 2هي احتجاجي ميڙ گهر ٿو ڪري ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت بحريه ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور ڏنل زمين الاٽ ڪرڻ ۾ ملوث قرار ڏنل سڀني سرڪاري ملازمن ۽ سياسي اڳواڻن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.3  هي احتجاجي ميڙ بحريه ٽائون جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي سر زمين جو قانوني طور تحفظ ڪرڻ جي بجاءِ دانستا طور بحريه ٽائون جي مفادن جي لاءِ دليل ڏيندڙ ونگاري وڪيلن اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائيڪ، رشيد اي رضوي ۽ بئرسيٽ ضمير گهمرو کي سنڌ جو قومي ڏوهاري قرار ڏئي ٿو. 4هي احتجاجي ميڙ سنڌ جي زمين بحريه ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور تي الاٽ ڪرڻ ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ، روينيو واري وزير ۽ ميمبر روينيو بورڊ کي ذميوارسمجهندي کين سنڌ دشمن قرار ڏئي ٿو ۽ گهر ٿو ڪري ته انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. 5 هي احتجاجي ميڙ گهر ٿو ڪري ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن قديمي ڳوٺن کي قانوني تحفظ فراهم ڪندي اتي جي رهندڙ ماڻهن کي گهرن جي الاٽمينٽ ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. 6 هي احتجاجي ميڙ گهر ٿو ڪري ته ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل 2013 کي ختم ڪري ڪراچي جي زمين جي اصلي حيثيت بحال ڪئي وڃي. 7هي احتجاجي ميڙ گهرو ٿو ڪري ته ضلعي ملير جي 43 ديهن ۽ ضلعي اولهه جي 16 ديهن کي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڪنٽرول کان آجو ڪيو وڃي…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو