سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران مراد علي شاهه کان معافي جو مطالبو

حيدرآباد( ن سنڌيار) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي بحريا معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مگسي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 6 جون تي تاريخي ڌرڻو ھنيو پر سازش تحت ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي، اسان مٿان 28 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، پھرين 150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو پوءِ صنعان جي گھر تي چڙھائي ڪري ان کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي فيصلو ڪيو آھي تي لاڙ ۾ سجاڳي مھم ھلائينداسين، بدين، ٺٽو ، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڀرپور سجاڳي مھم ھلائي ويندي. ايس ٽي پي سربراهه چيو ته سنڌ سرڪار وائڙي ٿي چڪي آھي، ھاڻي چون ٿا ته الطاف حسين جا ماڻھو ان ۾ ملوث آھن، بيگناھ ماڻھو گرفتار ڪري انھن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو اڃا تائين ڪارروايون ھلن پيون، منھنجي گھر تي به 12 پوليس موبائيلون بيٺل آھن، ان سموري صورتحال بابت مراد علي شاھ قوم کان معافي وٺي پوءِ اسان به معاف ڪنداسين. ان موقعي تي زين شاهه چيو ته سنڌ سرڪار باھ، ڀڃ ڊاھ ۽ دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا، اڳواڻن جي گھرن تي پوليس چڙھائيون ڪري رھي آھي پھرين ضلعي ھاڻي تعلقي ۽ شھرن جي ليول تي ماڻھن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي اسان ڪيسن کان نه ٿا ڊڄون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو