سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هڻنداسين،قادر مگسي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سان ئي سندن نيت واضع ٿي وئي آهي ته هو چاهين ٿا ته بحريه ٽائون خلاف جدوجهد ختم ٿئي ته جيئن سنڌ جون زمينون تين وال ڪري سگهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان فرد ناهيون، هي پارٽيون لکين ماڻهن جون پارٽيون آهن، ڪنهن ڪنهن جي مٿان ڪيس داخل ڪندا. جنهن نموني سان سنڌ جون زمينون تين وال ڪيون پيون وڃن اهو طريقو قبول ناهي. اسان رڳو اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته بحريه جون سرگرميون قبول ناهن، اهو پيغام عام ٿي ويو. هو سمجهن ٿا ته پارٽين کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته سندن خام خيالي آهي. هن چيو ته بحريه ٽائون انتظاميه سنڌ پوليس جي مدد ڀڃ ڊاهه ڪري باهيون لڳايون، جن ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي به گرفتار ڇونه ڪيو ويو؟ صنعان قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي هن چيو ته چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، کيس فوري طور ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن بجيٽ سيشن جي تاريخ اعلان ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻنداسين، اهو هڪ ڏينهن جو ڌرڻو نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو