گو ڪرپشن گو جي نعرن ۾ سنڌ اسمبلي مان بجيٽ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ لڳاتار بجيٽ خلاف احتجاج ڪندڙ اپوزيشن ڪٽوتي جي هڪ به رِٿ پيش نه ڪئي، سنڌ سرڪار طرفان پيش ڪيل بجيٽ 2021-22 اتفاق راءِ سان منظورڪئي وئي. اپوزيشن وارا گو ڪرپشن گو جا نعرا هڻدا رهيا. سيد ناصر شاهه چيو ته اسپيڪر اپوزيشن وارن کي چيو ته ٻن ڏينهن ۾ بحث ڪريو ۽ ڪٽوتي جون رٿون جمع ڪرايو پر ڪنهن به ڪٽوتي جي تحريڪ جمع نه ڪرائي. هن ٻڌايو ته سنڌ اسمبلي هلندڙ مالي سال جي سپليمينٽري گرانٽس به منظور ڪيون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊمانڊ فار سپليمينٽري گرانٽس پيش ڪيون. بجيٽ منظور ٿيڻ بعد صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اپوزيشن نه ڪٽوتي جي رِٿ پيش ڪئي ۽ نه ئي بجيٽ جي مخالفت ڪئي ان ڪري هي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي، جنهن تي اپوزيشن گوڙ ڪيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيرن وڏي وزير کي بجيٽ جي منظوري تي مبارڪباد پيش ڪئي.هي به پڙهو سنڌ حڪومت بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو