سنڌي وسندين تي بحريا جي قبضن خلاف احتجاج جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڪراچي جا ڳوٺ ڊاهي قبضا ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گزريل ڪيترن ڏينهن کان احتجاج جو سلسلو جاري آهي. اڱاري تي مٺياڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سنڌيار جي نمائندي منظور ملڪ موجب شھر جي مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين جي گڏيل طور تشڪيل ڏنل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي ( جيڪ )  طرفان بحريا ٽائون جي ڌرتي ڌڻين مٿان ڪيل حملن ۽  دهشتگرديء خلاف ڏنل احتجاج جي سڏ تي سائين جي ايم سيد چوڪ تي  جيڪ سميت يوٿ ڪاميٽي مٺياڻيء پاران ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سينئر صحافي لالا حسن پٺاڻ , اظھار علي شاھ ,ٻڍل خان چانڊيو ,امتياز علي ڀٽي , رانا غلام سرور ,يوٿ ڪاميٽيء جا فياض علي شيخ ,معراج سنڌي  ,عاقب چانڊيو , شفقت چانڊيو ,شھباز مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي , بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميا طرفان قديم سنڌي وسندين مٿان ڪيل دهشتگردي ۽ قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته ترقيء جي کوکلي دعوا ڪندڙ بحريه ٽائون قبضه مافيا بڻجي سنڌي وسندين مٿان هٿياربندن ذريعي  قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ,  جن کي سنڌ پوليس ۽ حڪومتي پٺڀرائي حاصل آهي، ڌرتي ڌڻين مٿان اهڙي قسم جا قبضه ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن , آخر ۾ ھنن قبضه مافيا خلاف ڀرپور جدوجھد  ڪرڻ جو  اعلان ڪندي چتاء ڏنو آھي ته قبضه گيري ۽ داداگيري بند نه ڪئي وئي ته بحريه ٽائون ۽ سندن ساٿارين جي رستا روڪ ڪري سندن گھيرو تنگ ڪيو ويندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو